امير حسن (راڳي ):امير حسن 11 نومبر 1957ع ۾ صدر حيدرآباد ۾ ڄائو. سندس خاندان ۾ اڳ ۾ ڪو بہ ڳائڻو ڪو نہ هو. پاڻ پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم حيدرآباد مان، ايل. ايل. بي ۽ ايم ايس سي (فزيالوجي) 1982ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. 1980ع ۾ حيدرآباد ريڊيو تي رڪارڊ ٿيو ۽ بعد ۾ ٽي وي لاءِ ڳايائين. ٽي وي جي چهچٽو پروگرام لاءِ الاهي مزاحيہ رڪارڊ ڀرايائين. امير حسن، مهدي حسن جي گَهت ۾ ڀلوڙ ڳائڻو آهي. امير حسن پاپ ميوزڪ بہ ڳائيندو آهي. سندس ٻہ ٽي ڪيسٽون سنڌيءَ ۽ اردوءَ ۾ آيون آهن. پاڻ بہ سٺو ڪمپوزر آهي. استادن ۾ پروفيسر نجمي رضويءَ جو شاگرد آهي، جنهن ميوزڪ ۾ آمريڪا مان ڊپلوما ڪئي آهي. استاد فتح علي خان کان بہ سکيو اٿس. کيس مهدي حسن، استاد منظور علي خان ۽ محمد يوسف وڻندا آهن، هن کي ڪيترا اوارڊ مليا آهن، جھڙوڪ فن دوست اوارڊ (1994ع)، مهراڻ آرٽس اينڊ ڪلچر اوارڊ (1996ع) ۽ سنڌ فنڪار تنظيم پاران اوارڊ (1996ع) ۽ پاڪستان فن دوست سوسائٽي طرفان ”نشان - امتياز“ (1997ع).
1957.11.11 عيسوي
امير حسن ( راڳي ) : -امير حسن- 11 نومبر 1957ع ۾ صدر حيدرآباد ۾ ڄائو . سندس خاندان ۾ اڳ ۾ ڪو به ڳائڻو ڪو نه هو