امير حيدر شاھہ: سنڌ جي قومپرست سياستدان جي ايم سيد جو وڏو فرزند سيد امير حيدر شاھہ، سال 1933ع ۾ سن شھر ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم پنھنجي اباڻي شھر سن ۾ حاصل ڪيائين ۽ بعد ۾ پنھنجي ننڍي ڀاءُ امداد محمد شاھہ سان گڏ ڪجهہ عرصو علامہ آءِ آءِ قاضيءَ جي نگرانيءَ ۾ ڪراچيءَ ۾ تعليم ورتائين. مئٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ انگلنڊ ويو. هيءُ اهو زمانو هو، جڏهن سندس والد محترم سائين جي. ايم. سيد، ون يونٽ جي مخالفت سبب جيل ۾ هو. امير حيدر شاھہ جي انگلنڊ ۾ اعليٰ تعليم لاءِ وڃڻ سبب سندس ننڍو ڀاءُ سيد امداد محمد شاھہ، باوجود خواهش جي، ميڊيڪل ۾ پڙهائي برقرار رکي نہ سگهيو ۽ پيءُ ۽ ڀاءُ جي غير موجودگيءَ ۾ زمينداري سنڀالڻ لڳو. امير حيدر شاھہ ولايت مان اعليٰ تعليم حاصل ڪري واپس وطن اچڻ تي پنھنجي زمين جي سنڀال ۽ زمينداري معاملن تي ڌيان ڏنو. سندس والد 1948ع ڌاري ئي پنھنجي جائداد ۽ زمينون پٽن ۽ ڌيئرن ۾ ورهائي ڇڏيون هيون، ان ڪري امير حيدرشاھہ پنھنجي حصي جي زمين، جيڪا ڪوٽڙي ۽ سڪرنڊ تعلقن ۾ هئي، سنڀالڻ لڳو. هن، سن ۽ آسپاس جي راڄن تي هٿ رکيو ۽ انهن جي راڄوڻي فيصلن ۾ حصو وٺندو رهيو. پنهنجن راڄن ۽ دوستن جو خيرخواھہ ۽ مددگار رهيو. مهمان نوازي، والد ۽ وڏن کان ورثي ۾ ملي هئي. سندس والد صوفي مسلڪ جو هو، جڏهن تہ امير حيدر شاھہ فڪري طرح اهل تشيعت سان لاڳاپيل رهيو. محرم الحرام جي مهيني ۾ پنھنجي ڳوٺ ۾ حضرت امام حسين عليہ السلام جي نالي تي نذر نياز ۽ مجلسون ڪرائيندو رهيو. سيد امير حيدر شاھہ سياست جي شروعات 1961ع کان ڪئي، جڏهن هو سن يونين ڪائونسل جو چيئرمئن چونڊيو. هن چيئرمئن ٿيڻ شرط شهرين تان پوليس جو آزار ختم ڪرايو ۽ ٿاڻي جي عملي کي گهرائي هدايت ڪيائين تہ سن ۽ آسپاس جي ماڻهن کي نہ ستائين ۽ نہ رشوت وٺن. پوليس جي کاڌي پيتي جي هر ضرورت سندس طرفان پوري ڪئي ويندي هئي. هن سن ۽ آمري ۾ اسڪول کولائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. سن مڊل اسڪول (بعد ۾ هاءِ اسڪول) جي شاگردن جي مفت رهائش ۽ کاڌ خوراڪ جي سلسلي ۾ پنھنجي ڀاءُ امداد محمد شاھہ سان ٻانهن ٻيلي رهيو. 1965ع ۾ جنرل ايوب خان جي دور ۾ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. ان دور ۾ دادو ضلعي کي سياسي طرح قومي اسيمبليءَ جي فقط هڪ سيٽ مليل هئي. سندس مقابلو سنڌ جي نامياري سياستدان رئيس عبدالحميد خان جتوئيءَ سان ٿيو ۽ ان کان سيٽ کٽي ويو. نواز شريف جي پهرئين دور اقتدار ۾ امير حيدر شاھہ آزاد اميدوار طور سنڌ صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر پڻ چونڊيو. هن قومي اسيمبليءَ توڙي سنڌ اسيمبليءَ ۾ سنڌ جي حقن لاءِ آواز اُٿاريو. امير حيدر شاھہ سنڌ جي اڪثر خاندانن سان پنھنجي والد وانگر سماجي ناتا قائم رکيا. سندس هڪ فرزند پي آءِ اي ۾ پائلٽ آهي، ٻيو فرزند ڊاڪٽر ۽ باقي ٻہ فرزند زمينداري سنڀاليندا آهن، جن مان هڪ آمريڪا ۾ ڪجهہ وقت اعليٰ تعليم بہ ورتي هئي. سيد امير حيدر شاھہ 20 آگسٽ 2021ع تي سن ۾ وفات ڪئي.
1933.00.00 عيسوي
امير حيدر شاهه 1933ع ۾ سن شهر ۾ پيدا ٿيو
2021.08.20 عيسوي
سيد امير حيدر شاهه 20 آگسٽ 2021ع تي سن ۾ وفات ڪئي.