امير خسرو

امير خسرو

امير خسرو

امير خسرو: هندستان جي شھر بدايون ۾ 1253ع ۾ پيدا ٿيو ۽ 1325ع ۾ پٽيالي ( دهلي ) ۾ وفات ڪيائين . سندس سڄو نالو ابوالحسن يمن الدين خسرو آهي ، امير خسرو قواليءَ جو باني آهي ۽ موسيقيءَ ۾ خيال ۽ ” تراني “ جي انداز جو پايو وجهندڙ هو . چون ٿا تہ طبلو بہ هن ئي ايجاد ڪيو . هي ترڪ نزاد هو ۽ وليء هند نظام الدين اولياءَ رحه جو محبوب مريد هو . امير خسرو ئي اهڙو هندستاني فارسي گو شاعر ۽ اديب آهي ، جنهن کي ايراني بہ اهلِ زبان تسليم ڪن ٿا . هن غزل جي ميدان ۾ سعدي شيرازيءَ جي پيروي ڪئي . هن جي غزلن ۾ تصوف جو رنگ نمايان آهي . غزلن جي پنجن ديوانن کان سواءِ نظامي گنجويءَ جي خمسي جي جواب ۾ پنج مثنويون ( مطلع الانوار ، شيرين و خسرو ، مجنون و ليليٰ ، آئينہ سڪندري ۽ هشت بھشت ) پڻ ” خمسهء امير خسرو “ جي نالي سان تمام گهڻو مشھور آهن . ان کان سواءِ امير خسرو جون ٻيون بہ ناياب تصنيفون آهن . ڪجهہ محققن جو خيال آهي تہ اردو غزل جي ابتدا امير خسرو ڪئي ۽ نموني طور اڪثر تذڪرن ۾ هن سان منسوب اهو فارسي هندي غزل ملي ٿو ، جنهن جي هڪ مصرع فارسيءَ ۾ ۽ ٻي مصرع ڀاشا ( کڙي ٻولي ) ۾ آهي . ان کان سواءِ ٻيو بہ گهڻو هندي ڪلام هن سان منسوب آهي . امير خسرو کي موسيقيءَ جي فن تي بہ عبور حاصل هو . امير خسرو اها پهرين عظيم هستي آهي ، جنهن ايراني ۽ هندي موسيقيءَ کي ملائي هڪ نئون رنگ پيدا ڪيو . هن جو نانو عماد الملڪ موسيقيءَ جو عاشق هو جنهن وٽ اڪثر اربابِ نشاط جون محفلون برپا ٿينديون هيون . امير خسرو موسيقيءَ جي ابتدائي تعليم انهن ئي محفلن مان حاصل ڪئي . درٻاري گوين جي صحبت ۾ ايراني ۽ هندي ڪلاسيڪي موسيقيءَ تي ڪامل عبور حاصل ڪرڻ کان پوءِ هن هندي ڪلاسيڪي موسيقي کي ايراني سانچن ۾ ٺهڪايو ۽ اهڙي طرح موسيقيءَ جي صنفن ۾ تراني ، قول ، قلبانه ، بسيط ، قوالي وغيرہ جو موجد ( باني ) ٿيو . ڌرپد جي جڳھہ خيال جي گائڪي جي ابتدا پڻ ساڻس منسوب آهي . ايراني نغمن ۽ هندي راڳن جي امتزاج جي مدد سان هن گهڻائي نوان راڳ اختراع ڪيا . ڪجهہ سازن بالخصوص ستار ۽ طبلي جو موجد بہ امير خسرو کي ئي تسليم ڪيو وڃي ٿو . امير خسرو جي پنجن ديوانن مان پهرين ديوان ۾ هن ٺٽي شھر جي سونهن ۽ خوبصورتيءَ جو ذڪر غزل جي مطلع ( پهرين شعر ) ۾ ڪيو آهي . هن غزل ، مثنوي ، قطعو ، رباعي ، دوبيتي لکيا . هو وڏو موسيقار ۽ دانشور شاعر هو .


لفظ امير خسروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1253.00.00  عيسوي

امير خسرو: هندستان جي شهر بدايون ۾ 1253ع ۾ پيدا ٿيو ۽ 1325ع ۾ پٽيالي ( دهلي ) ۾ وفات ڪيائين


1325.00.00  عيسوي

امير خسرو: هندستان جي شهر بدايون ۾ 1253ع ۾ پيدا ٿيو ۽ 1325ع ۾ پٽيالي ( دهلي ) ۾ وفات ڪيائين



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

احمد علي شاھہ
پرسرام ارجن داس ڪمل
راءِ بھادر سيٺ وشنداس
داسي ديوي
ڀوپالي محسن
امداد جتوئي
فقير محمد اسماعيل قاسم پلي
عراقي فخرالدين شيخ
ميون تماچي اوريئڙي وارو
عبد سنڌي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون