امير شاھہ قاسم زمان جي مزار: هي مقبرو تورڪي قبرستان (نصرپور ويجهو) ارغون ترخان دور جو آهي.ميين ونھين جي مقبري کان اٽڪل ھڪ سؤ قدمن تي امير شاھہ قاسم جي مزار پيلي پٿر جي، پڪين سرن جي ٿلھي تي ٺھيل آھي- ٿلھي تي جملي چار قبرون آھن. ٻہ قبرون اتر ۾، ٻہ قبرون پيرانديءَ کان. شاھہ قاسم جي مزار مٿن کان اوڀر ۾ آھي. خوبصورت نقش نگار ٿيل اٿس. ان جي مٿان آيت الڪرسي چٽيل ۽ ٻيون آيتون اڪريل آھن. انھيءَ قبرن جي ٿلھي جي چوگرد احاطي جي ديوار نڪتل ھئي. جيڪا پوءِ ڊھي وئي. هي ارغون ترخان دور جو مشھور امير ۽ نصرپور جو جاگيردار ھو.