
امير علي شاهه
امير علي شاھہ: سيد امير علي شاھہ ولد سيد نور علي شاھہ تاريخ پھرين جنوري 1964ع تي جيڪب آباد ۾ پيدا ٿيو. هو هڪ ديني عالم، اديب ۽ خطيب آهي. جيڪب آباد ۾ مئٽرڪ تائين پڙهيو. همايون شريف واري مدرسي مان درسِ نظاميءَ جي سند حاصل ڪيائين. جامع مسجد بخاري درگاھہ جو گادي نشين بہ آهي. پنھنجي والد سيد نور علي شاھہ جي عرس جو هر سال انتظام ڪندو آهي ۽ ان جي زندگيءَ تي هڪ جامع ڪتاب ”انوار نور علي شاھہ“ نالي سان لکي 1997ع ۾ شايع ڪرايائين. هو اهلِ سنت و جماعت ضلعي جيڪب آباد جو امير آهي.
1947.05.01 عيسوي
سيد امير علي شاهه ولد سيد نور علي شاهه تاريخ پهرين مئي 1947ع تي جيڪب آباد ۾ پيدا ٿيو .