امير علي شاهه ڄاموٽ

امير علي شاهه ڄاموٽ

امير علي شاھہ ڄاموٽ

امير علي شاھہ ڄاموٽ: نامياري سياستدان حاجي امير علي شاھہ ولد سيد انور علي شاھہ ڄاموٽ جو جنم 18 جنوري 1941ع تي ضلعي حيدرآباد (هاڻوڪي مٽياريءَ) ۾ ٿيو. 1965ع ۾ ايل. ايل. بي ڪيائين. تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ سياسي طور پيپلز پارٽيءَ سان وابستہ ٿيو. سندس ڀاءُ سيد امداد علي شاھہ ڄاموٽ جي وفات کان پوءِ هي پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي بنا مقابلي ڪامياب ٿي صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. 1977ع واري اليڪشن ۾ بہ کيس ڪاميابي حاصل ٿي. واٽر سپلاءِ اسڪيم، مٽياريءَ جي پهرين ڊائريڪٽ ڊائلنگ ايڪسچينج ۽ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج مٽياري سندس ئي ڪوشش سـان منظـور ٿيا. قاسـم آباد جي عـلائقـي وارو قومي اسيمبليءَ جو تڪ الڳ ڪرائڻ ۾ ذاتي ڪوششون وٺي اهو تڪ منظور ڪرايو. 2002ع واري اليڪيشن ۾ ان ئي تڪ تان قومي اسيمبليءَ جي ميمبر طور ڪامياب ٿيو. ھن 2 آڪٽوبر 2023 تي وفات ڪئي سندس ٽن فرزندن مان سيد طارق شاھہ ڄاموٽ تعلقي ڪائونسل حيدرآباد (ٻهراڙي) جو بنا مقابلي نائب ناظم رھڻ سان گڏ قومي اسيمبلي ءَ جو ميمبر بہ رھيو آھي جڏھن تہ سيد فيصل شاھہ يونين ڪائونسل مَسُو ڀرڳڙيءَ جو چيئرمئن رهي چڪو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1941.01.18  عيسوي

امير علي شاهه: نامياري سياستدان حاجي امير علي شاهه ولد سيد انور علي شاهه ڄاموٽ جو جنم 18 جنوري 1941ع ڌاري ض01لعي حيدرآباد (هاڻوڪي مٽياريءَ) ۾ ٿيو.


2023.10.02  عيسوي

امير علي شاهه ڄاموٽ 2 آڪٽوبر 2023 تي وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

تارا ميرچنداڻي
پناھہ علي شاھہ
شبانه سنڌي
ڏاهري رضا محمد
حڪيم محمد صديق مولوي سيتائي
چاچا قاسم سومرو
ائٽڪن اِي ايڇ
آءِ ايڇ ٽانٽن
راورٽي ميجر هينري جارج
فضل احمد بچاڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون