اميلاڻو

اميلاڻو: هي ديھہ جو نالو آهي، جيڪا تپي درساڻي ڇني، تعلقي ڪراچي، يونين ڪائونسل درساڻي ڇني ۽ گڏاپ ٽائون ۾ آهي. هن ديھہ جون حدون سپر هاءِ وي کان لنڪ روڊ جي شروع کان ملير نئن ۽ سپر هاءِ وي تي حيدرآباد ڏانهن ساڄي هٿ تي ملير نئن جي ڪاٺوڙ پل تائين آهي. هن ديھہ جي نالي متعلق ڪتاب ”ڪراچي، سنڌ جي مارئي“ جو مصنف گل حسن ڪلمتي لکي ٿو تہ ”لاڻو ڪلراٺي زمين ۾ پيدا ٿيندڙ هڪ گاھہ جو قسم آهي، جيڪو اڪثر اٺ جي چاري طور استعمال ٿئي ٿو. اميلاڻو جو لاڳاپو بہ انهيءَ ٻوٽي/گاھہ سان آهي، جنهن جي ڪري هن علائقي جو نالو اميلاڻو مشھور ٿيو آهي يا تہ هي اميراڻو معنيٰ شاهاڻو، اميرن وارو علائقو رهيو هجي، جيڪو بعد ۾ ”ر“ ۽ ”ل“ ۾ بدلجڻ ڪري اميراڻو مان اميلاڻو ٿيو هجي.


لفظ اميلاڻوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو