امين فقير مڱريو

امين فقير مڱريو

امين فقير مڱريو

امين فقير مڱريو: حر مجاهد فورس جي سالاراعظم (چيف آف مجاهد فورس)، امين فقير مڱريي جو پورو نالو محمد امين ولد گامن فقير هو. سندس جنم 1928ع ڌاري ڳوٺ تڙ مهار، تعلقي سم، ضلعي جيسلمير (ڀارت) ۾ ٿيو. سندس تعلق هڪ غريب گهراڻي سان هو، جنهن جو گذرسفر چوپائي مال تي هو. هن جو والد ۽ چاچو جمال فقير، پير پاڳاري سيد شاهه مردان شاهه اول ‘ڪوٽ ڌڻي’ جا مريد ٿيا. هو ننڍپڻ ۾ ٻڪريون چاريندو هو ۽ پوءِ ڀائرن سان ڪنهن ڳالهه تي ڪاوڙجي سنڌ آيو ۽ ڍوري ناري ويجهو ڳوٺ ٻاروچي راڄڙ ۾ اچي رهيو. جتي سُکيي فقير مڱرئي کان قرآن مجيد جي تعليم حاصل ڪيائين. قرآن مجيد جا ڪجهه سبق راضي فقير سَم واري کان به حاصل ڪيا هئائين. جماعت جي فقيرن سان گڏ پير ڳوٺ درگاهه تي ويو، جتي هميشه لاءِ درگاهه جو خدمتگار بڻجي ترسي پيو. جيسلمير کان سندس ڀاءُ کيس پرچائڻ آيو، جنهن سان گڏجي واپس ڳوٺ ويو ۽ والده کان اجازت وٺي واپس اچي درگاهه جي خدمت ڪرڻ لڳو. ڇهين پاڳاري سورهيه بادشاهه جي شهادت کانپوءِ 1952ع ۾ ستين پاڳاري جي گادي بحال ٿي ۽ شاهه مردان شاهه (ثاني) گادي نشين بڻيو. 1955ع ۾ امين فقير جي نگرانيءَ ۾ درگاهه جي بنگلي جو ڪم شروع ٿيو، جيڪو 1964ع ۾ مڪمل ٿيو. امين فقير کي پير پاڳاري، درگاهه جي سمورن ڪمن جو نگران مقرر ڪيو. هن پير پاڳاري جون بنجر زمينون آباد ڪرائڻ سان گڏ ٽرانسپورٽ جو انتظام به بحال ڪيو. 1965ع ۾ پاڪ ڀارت جنگ دوران پير پاڳاري جي حڪم تي 24 ڪلاڪن ۾ هڪ لک جماعت جا ماڻهو حر مجاهد فورس لاءِ عمرڪوٽ جي قلعي ۾ گڏ ڪيا، جن مان 67000 (ستهٺ هزار) حرن کي فورس لاءِ چونڊيو ويو، جن جو نگران پير پاڳاري، امين فقير کي مقرر ڪيو.صدر ايوب خان کيس حر مجاهد فورس جو سالاراعظم مقرر ڪري، رحيم يار خان کان رڻ ڪڇ تائين سرحد جي حفاظت لاءِ مقرر ڪيو. امين فقير، هيليڪاپٽر ذريعي حر مجاهد فورس جي ڪمان ڪندو رهيو. هن ۾ اڳواڻيءَ واريون سموريون صلاحيتون به هيون، ته جنگي حڪمت عمليءَ جو پڻ ماهر هو. سندس اڳواڻيءَ ۾ مجاهدن ڀارت جو 1200 سئو ڪلوميٽرن کان وڌيڪ علائقو قبضي ۾ ڪرڻ سان گڏ ڪشن ڳڙهه قلعو، گهوٽاڙو قلعو، ڌرمي چوڪي، موڻاٻائو، ڇهوٽڻ، سُوندرو، سرڪاري تڙ، سادن وارِي، ڏاهلي، لونگي والي سميت ڪيتريون چونڪيون ۽ قلعا فتح ڪيا، ڪيترائي ڀارتي فوجي قيدي بڻايا. فيلڊ مارشل ايوب خان کيس بهادريءَ تي ‘تمغهء شجاعت’ اوارڊ ڏنو، جيڪو هن ستين پاڳاري شاهه مردان شاهه ثانيءَ جي هٿان ورتو. ساڳئي سال کيس ‘تمغه جرائت’ پڻ ڏنو ويو. سرڪار طرفان کيس رحيم يار خان ضلعي ۾ 180 ايڪڙ زمين ڏني وئي، جيڪا هن منتقل ڪرائي ڇور ڀرسان ٻيلي کاتي جي زمين ورتي، جتي پنهنجي نالي سان ڳوٺ ٻڌايو، ۽ اُتي ذاتي خرچ سان مسجد اڏرائي. پاڻ غريب نواز انسان ۽ راڄوڻي فيصلن جو ماهر هو، ڪيترن ئي غريب شاگردن کي ذاتي خرچ تي پڙهايائين، جيڪي اڳتي هلي وڏن عهدن تي فائز ٿيا. پنهنجي خاندان کي جنگ بعد جيسلمير مان گهرائي پنهنجي ڳوٺ ۾ آباد ڪيائين. 1971ع واري جنگ ۾ سندس ڪمان هيٺ رحيم يار خان، ٿر ۽ رڻ ڪڇ ۾ مجاهدن سرحدن جي حفاظت ڪئي. امين فقير پير پاڳاري جو اعتماد جوڳو فقير هو. ذوالفقار علي ڀُٽي جي دَور ۾ پاڳاري جي مريدن تي سياسي مخالفت سبب ڏکيا ڏينهن آيا. 1974ع ۾ پير پاڳاري حيدرآباد جي پڪي قلعي ۾ جلسو ڪيو، جنهنڪري امين فقير کي چوڌري ظهور الاهي، سردار شاهه ذاڪر (مهراڻ اخبار جو ايڊيٽرذوالفقار شاهه ڄاموٽ ۽ مير محمد وساڻ سان گڏ گرفتار ڪري حيدرآباد جيل ۾ رکيو ويو. مٿس ڊي. پي. آر تحت ڪيس هلايو ويو. ٻن مهينن بعد ضمانت تي آزاد ٿيو. کيس ٻيهر ڊي. پي. آر تحت پير ڳوٺ مان گرفتار ڪري ڪراچيءَ ۾ رکيو ويو، جتان ٽن مهينن بعد ضمانت تي آزاد ٿيو. ٽيون ڀيرو وري ڊي. پي. آر تحت پير ڳوٺ مان گرفتار ڪري کيس سکر جيل ۾ رکيو ويو، جتي وقت به وقت ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ بعد 6 آڪٽوبر 1974ع جي شام جو جيل مان ڪڍي نامعلوم هنڌ تي شهيد ڪيو ويو. وارثن مير محمد وساڻ معرفت ان وقت جي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀُٽي، ڄام صادق علي، هوم سيڪريٽري محمد خان جوڻيجي، ڊي. سي سانگهڙ الله انڙ'>امداد الله انڙ ۽ ايس پي سانگهڙ غلام شبير ڪليار خلاف امين فقير کي جيل مان ڪڍي گم ڪرڻ جو عدالت ۾ ڪيس پڻ داخل ڪيو. امين فقير مڱرئي جي نالي سان سندس ڳوٺ ۾ بوائز پرائمري اسڪول، گرلس پرائمري اسڪول، گورنمينٽ هاءِ اسڪول، رورل هيلٿ سينٽر ۽ مدرسو صبغت الامين قائم آهن. کيس چئن پٽن ۽ هڪ نياڻيءَ جو اولاد ٿيو. ٻيو نمبر پٽ غلام حيدر ڊي. سي. او آهي. وڏو پٽ غلام قادر ۽ ٽيون پٽ غلام نبي سياست سان لاڳاپيل آهن ۽ ننڍو پٽ غلام علي عرف ظهور الاهي زمينداريءَ سان وابسته آهي.


لفظ امين فقير مڱريوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو