اميناڻي: آڳاٽي وقت ۾ اميناڻي شھر ۾ سنڌو درياھہ جو بندر هو. هن شھر جا نيڪ مرد سيد آهن. اميناڻيءَ ۾ هڪ درويش جو آستان آهي، جنهن کي هندو ”راجل وير“ چوندا آهن ۽ مسلمان ”امير پير“ چوندا آهن. سنڌو درياھہ جي وهڪري بدلجڻ ڪري اميناڻي بندر ختم ٿي ويو. اميناڻي شھر ۾ هڪ وڏو مندر هو، جنهن جا آثار اڄ بہ ملن ٿا. امير پير جو ميلو بہ هر سال لڳندو آهي. هن ميلي تي شڪارپور ۽ حيدرآباد کان هندو ياتري مقرر تاريخ تي ايندا آهن، جنهن ۾ تِل ڦُل جو انتظام، اميناڻيءَ کان لڏي ويل پانڌيئڙا ڪندا آهن.