پروفيسر امينه هاليپوٽو

پروفيسر امينه هاليپوٽو

امينه هاليپوٽو پروفيسر

امينه هاليپوٽو، پروفيسر: پروفيسر امينه، ڊاڪٽر عبدالواحد هاليپوٽي جي گهرواري هئي. 5 اپريل 1932ع تي حيدرآباد شھر جي نعل بندن واري گهٽيءَ ۾ ڄائي. ملان پاڙي ۾ رهندي هئي. سندس خاندان جو شمار حيدرآباد شھر جي قديم خاندانن ۾ ٿيندو هو. سندس تعليم بي. اي (آنرز)، ۽ ايم. اي (عربي: گولڊ ميڊلسٽ) هئي. سنڌ جي تعليم کاتي ۾ ليڪچرر مقرر ٿي ۽ پوءِ پروفيسر گريڊ ۾ پهتي ۽ زبيدہ گرلز ڪاليج حيدرآباد جي پرنسپال مقرر ٿي. سندس وفات 16 نومبر 1981ع تي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1932.04.05  عيسوي

پروفيسر امينه 5 اپريل 1932ع تي حيدرآباد شهر جي نعل بندن واري گهٽيءَ ۾ ڄائي


1981.11.16  عيسوي

پروفيسر امينه هاليپوٽو جي 16 نومبر 1981ع تي وفات ٿي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڌاريجو منصور خان
قاضي منظر حيات
تارا چند شوقيرام
پير مظهرالحق
امين محمد ثالث عرف پکن ڌڻي
نظير احمد چارڻ ڊاڪٽر
ايم اي راجا
سليم الزمان صديقي
ذوالفقار مرزا
دراني آغا الھڏنو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون