امين محمد ثالث عرف ”پکن ڌڻي“: مخدوم امين محمد ثالث صديقي قريشي، سروري درگاھہ جو تيرهون سجادہ نشين، حضرت مخدوم محمد زمان رابع رحه جو وڏو فرزند هو. کيس ٻيا ٻہ ننڍا ڀائر ميان شاھہ محمد عرف ميان شاهنواز ۽ ميان غلام نبي عرف ميان پنيلڌو هئا. مخدوم امين محمد، شجري موجب غوث الحق مخدوم نوح جي يارهين ۽ حضرت ابوبڪر صديق جي ٻائيتاليهين پشت مان هو. مخدوم صاحب، 7 شعبان 1254ھہ/26 آڪٽوبر 1838ع تي جنم ورتو. سندس والد کيس ڪوڏ سان ”بابا سائين“ ۽ پيار وچان ”امين“ ڪري سڏيندو هو. سندس تعليم ۽ تربيت لاءِ آخوند محمد قاسم کي مامور ڪيو ويو. وڏي جهد ۽ رياضت سان علوم متداوله جي تحصيل ڪيائين ۽ پنھنجي دور جي درس نظاميه ۾ خاص مقام حاصل ڪيائين. قرآن پاڪ، حديث، فقہ ۽ تصوف جي دقيق ڄاڻ ورتائين. سندس اصل تربيت ۽ تعليم جو سڌوسنئون واسطو پنھنجي مرشد حق آگاھہ سان رهي ٿو. ان موجب سندس والد ماجد جي نگاھہ، امين محمد سائينءَ کي هر خيال کان ڪامياب بنائي ڇڏيو.
پاڻ پندرهن سالن جو مس ٿيو تہ سندن والد وفات ڪري ويو ۽ ننڍيءَ عمر ۾ جماعت سروريه جي تربيت جو اهتمام ۽ ٻين ننڍن ڀائرن ۽ چئن معصوم ڀينرن جي ڪفالت جو بار سندن سر تي آيو. حضرت امين سائينءَ جي جواني ڏاڍي مستاني ۽ البيلي گذري. پاڪيزہ طبع جو مالڪ ۽ خوش پوشاڪ هو. رنگين پوشاڪ پهريندو هو. دستار گلابي، گيڙوءَ رتي ۽ سائي پهريندو هو. ڪڏهن ڪڏهن سمورو لباس گيڙوءَ رتو زيب تن ڪندو هو. مختصر رنگين زندگيءَ کان پوءِ اصلوڪي فقيراڻي طريقي ڏانهن رجوع ٿيو. سندس چار شاديون هيون. ٽي هالن مان ۽ هڪ پنهنجن عزيزن، قريشي صديقي پيرن مان، جيڪو خاندان نورپور تعلقي نوشهري فيروز ۾ آباد آهي. کيس پنھنجي خاندان جي حرم مان ٽي فرزند مخدوم محمد زمان، مخدوم ظھيرالدين ۽ ميان فتح محمد هئا. سلوڪ جي ميدان ۾ سھيل عرف سلي فقير مڱريي کان فيض ورتائين. امين سائينءَ جي مجاهدي ۽ رياضت جي سلسلي ۾ ”راهونڊ“ جي مقام کي وڏي اهميت حاصل آهي، جنهن سرزمين کي ”پکا“ بہ چوندا هئا، ڇوته پاڻ اتي پکا اڏي سڪونت اختيار ڪيائين. هيءَ زيارت گاھہ هالن کان شھدادپور روڊ تي ميل ڏيڍ پنڌ تي آهي. ان ڪري کيس ”پکن وارا صاحب“، ”پکن وارا سائين“ ۽ ”پکن ڌڻي“ بہ سڏبو آهي. مخدوم صاحب جن 48، 49 سالن جي ڄمار ۾ 27 رمضان 1304ھہ/29 جون 1886ع ۾ وفات ڪئي.
مشھور صوفي شاعر منٺار فقير راڄڙ، سيد فاضل شاھہ، سيد حيدر شاھہ اجناڻي، ولي محمد لغاري ۽ ٻيا سندس همعصر ۽ صحبتي هئا. سندس متقدمين ۾ پير اشرف شاھہ ڪاماري وارو، خليفو گل، قادر بخش بيدل، عثمان فقير سانگي، حمل فقير، قطب علي شاھہ، آسو فقير، فقير خوش خيرمحمد ۽ علي گوهر شاھہ ”اصغر“ هئا.
امين سائين پکن ڌڻي پنھنجي دور جو قادرالڪلام شاعر هو. سنڌي، سرائيڪي ۽ فارسيءَ ۾ شاعري ڪيائين. سندس ڪافيون الاهي عشق ۾ سرشار آهن. سندس ڪلام جو مجموعو ”ڪليات امين“ جي نالي سان پروفيسر محبوب علي چنا ترتيب ڏنو، جنهن ۾ سندس سوانح، همعصرن ۽ شاعريءَ تي طويل مقدمو شامل آهي. ”ڪليات امين“ جو پهريون ڇاپو 1966ع ۽ ٻيو ڇاپو 1990ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڇپائي پڌرو ڪيو .
1254.08.07 هجري
مخدوم صاحب ، 7 شعبان 1254هه/26 آڪٽوبر 1838ع تي جنم ورتو .
1838.10.26 عيسوي
مخدوم صاحب ، 7 شعبان 1254هه/26 آڪٽوبر 1838ع تي جنم ورتو .
1304.09.27 هجري
مخدوم صاحب جن 48 ، 49 سالن جي ڄمار ۾ 27 رمضان 1304هه/29 جون 1886ع ۾ وفات ڪئي
1886.06.29 عيسوي
مخدوم صاحب جن 48 ، 49 سالن جي ڄمار ۾ 27 رمضان 1304هه/29 جون 1886ع ۾ وفات ڪئي