ام ابي هريره رضہ: مشھور اصحابياڻي، اميمھ بنت صعيح بن حارث، حضرت ابو هريره رضي ﷲ عنھ جي والدہ سڳوري. جنهن لاءِ نبي ڪريم صلي ﷲ عليھ وسلم جن مسلمان ٿيڻ جي دُعا گهري هئي. هڪ ڏينهن هن پنھنجي پٽ ابو هريره سان ڪاوڙجي نبي پاڪ صلي ﷲ عليھ وسلم جن بابت گُٿا لفظ ڳالهايا. ان تي ابو هريره کي تمام گهڻو صدمو پهتو ۽ پاڻ ڪريمنصه جي خدمت ۾ روئي عرض ڪيائين تہ منهنجي ماءُ جي حق ۾ دُعا گهرو تہ جيئن مسلمان ٿئي. حضور پاڪ صہ جن دعا گهري. تان جو ﷲ تعاليٰ دعا قبول فرمائي ۽ اُم ابي هريره سچي مسلمان ٿي وئي.