
گلوڪاره اُم ڪلثوم
اُم ڪلثوم (مصري ڳائڻي ):اُم ڪلثوم 4 مئي 1904ع ۾ مصر جي ڳوٺ تميزيحرا ۾ ڄائي. ننڍپڻ کان کيس ڳائڻ جو بيحد شوق هو. سندس والد امام کيس قرآن شريف پڙهايو ۽ 12 سالن جي عمر ۾ هوءَ حافظ قرآن بڻي. سورنهن سالن جي عمر ۾ هن کي قاهره ۾ ابو لالا محمد ۽ ذڪريا احمد پاڻ سان گڏ ڳائڻ جي آڇ ڪئي. اهي ٻئي پنھنجي وقت جا تمام وڏا گائڪ هئا. 1923ع ۾ کيس باقاعدہ دعوت ملي. قاهره ۾ هن پنھنجي فن جو بھترين مظاهرو ڪيو ۽ اوارڊ حاصل ڪيو. اتي سندس ملاقات وڏي شاعر احمد رامي سان ٿي، جنهن هن لاءِ 137 گيت لکيا. هن شاعر کيس فرانس ۾ بہ متعارف ڪرايو. ساڳئي وقت مشھور ڪمپوزر اِل ڪسايحي سان بہ سندس ميل ميلاپ ٿيو، جنهن کيس عربي ٿيٽر ۾ متعارف ڪرايو. 1932ع ۾ هن مشرق وسطيٰ جو دورو ڪيو، جنهن دوري ۾ هوءَ دمشق بغداد، بيروت ۽ ٽريپوليءَ وئي. 1948ع جمال عبدالناصر سان تمام ويجهو ٿي، جيڪو اڳتي هلي مصر جو صدر بنيو. جلد هيءَ عرب جي قوم پرست ڳائڻن واري انجمن ۾ شامل ٿي ويئي ۽ هن جمال عبدالناصر جي نظرين کي عوام تائين ڳائڻ وسيلي پھچايو. ام ڪلثوم ايتري حد تائين مقبول وئي، جو، جڏهن مهيني ۾ هڪ ڀيرو هوءَ ريڊيو تي ڳائيندي هئي، تہ سندس ڪلام کان پوءِ سرڪاري ايجنڊائون نشر ڪيون وينديون هيون، ڇو تہ مهيني جي هر پهرين خميس تي هوءَ ريڊيو تي ڳائيندي هئي. ۽ ماڻهن جا حشام گهٽين، هوٽلن ۽ تفريح گاهن ۾ کيس ٻڌڻ لاءِ آتا هوندا هئا. اتي ڪو بہ پيغام ماڻهن تي بيحد اثر ڇڏيندو هو.
هي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڳائيندي هئي. سندس ڪلام ۾ پيار محبت ۽ قومي ٻڌيءَ جا ويچار هوندا هئا. هن ڳائڻ کان سواءِ اداڪاريءَ ۾ حصو ورتو. 1953ع ۾ هن هڪ ڊاڪٽر حسن اِل هفنوئي سان شادي ڪئي، جنهن ۾ شرط رکيل هو تہ هوءَ جڏهن بہ چاهيندي تہ کانئس طلاق وٺي سگهندي. کين ڪو بہ اولاد نہ ٿيو. 1967ع ۾ هو Nephritis جي بيماريءَ ۾ وٺجي ويئي. ام ڪلثوم نيل جي محل ۾ آخري دفعو 1972ع ۾ ڳاتو. کيس سرڪاري طور علاج لاءِ آمريڪا بہ موڪليو ويو، پر 1975ع ۾ هي عظيم آواز دنيا کي هميشہ لاءِ ڇڏي ويو. سندس وفات 3 فيبروري 1975ع تي قاهره جي اسپتال ۾ ٿي. سندس جنازي ۾ اٽڪل 65 لک ماڻهن شرڪت ڪئي. هن جي گائڪي جي انداز نہ رڳو عرب دنيا کي متاثر ڪيو، پر مغرب وارن بہ سندس ڳائڻ جي انداز کي پنهنجو ڪيو. ام ڪلثوم جون ڪيتريون ئي ڪيسٽون مارڪيٽ ۾ آيون، جيڪي ماڻهو اڄ ڏينهن تائين وڏي شوق سان ٻڌن ٿا .
1904.04.04 عيسوي
اُم ڪلثوم 4 مئي 1904ع ۾ مصر جي ڳوٺ تميزيحرا ۾ ڄائي
1975.02.03 عيسوي
اُم ڪلثوم 3 فيبروري 1975ع تي قاهره ۾ وفات ڪري وئي