انباھہ شريف: درگاھہ انباھہ شريف، ضلعي شڪاپور جي لکي تعلقي ۾ چڪ جي اوڀر- اتر طرف آهي، جيڪو اصل ۾ صوفي درگاھہ نوشهري فيروز جي صوفي شاعر شاھہ نصير الدين اول جو صحبتي، همعصر ۽ طالب هو ۽ هن درگاھہ جو سلسلو اڄ تائين شاھہ نصير جي درگاھہ سان قائم آهي. هن درگاھہ جو پهريون گادي نشين سائين تاج محمد شاھہ اول، ٻيو سائين بگن شاھہ اول ۽ ٽيون داتا ولايت علي شاھہ هو. کانئن پوءِ بگن شاھہ دوم چوٿون گادي نشين ٿيو ۽ هن وقت پنجون گادي نشين سائين جان محمد شاھہ آهي.
جيئن تہ هيءَ درگاھہ ڪچي جي ڀرسان درياھہ جي بند/ جهلي بند لڳ آهي، ان ڪري درياھہ ۾ جڏهن بہ چاڙھہ ايندو هو تہ بند اندر رهندڙ ڪچي جا ماڻهو ۽ مال انبوهن جي صورت ۾ هتي اچي آجهاپ ڪندا هئا. اهو لفظ ’انبوھہ‘ غلط العام ٿي ”انباھہ“ ٿي ويو ۽ اڄ هن درگاھہ کي ”انباھہ شريف“ سڏيو وڃي ٿو. هتي هر سال 11 شوال تي سائين فيض درياھہ شاھہ جو وڏو عُرس ۽ ميلو لڳندو آهي ان کانسواءِ ٻيا ننڍا ميلا لڳندا آهن، جنهن ۾ سڄيءَ سنڌ مان عقيدتمند هتي اچي حاضري ڀريندا آهن.