
انباهه ۾ آراهه - ڪتاب
انباھہ ۾ آڙاھہ (ڪتاب ):هي ڪتاب درگاھہ انباھہ شريف جي ٽئين نمبر سجادہ نشين داتا ولايت علي شاھہ جي چونڊ ڪافين جو مجموعو آهي. جيڪو نوجوان شاعر ۽ محقق سيد مهدي شاھہ فياضيءَ مدئجيءَ واري ترتيب ڏئي 1990ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. هن 106 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي ڪتاب ۾ 100 ڪافيون شامل آهن. جڏهن تہ داتا سائينءَ جي درگاھہ تي موجود قلمي نسخي ۾ 371 ڪافيون، 48 بيت ۽ سه حرفيون شامل آهن. جن مان پهرين ڪڙيءَ طور 100 ڪافين جو ڪتاب ”انباھہ ۾ آڙاھہ“ (يعني انباھہ ۾ عشق جو آڙاھہ) ترتيب ڏئي ڇپايل آهي. انهن ڪافين کي راڳ وار ترتيب ڏنو ويو آهي ۽ سدا سهاڳڻ ڀيرويءَ کان روپ آسا تائين هر راڳ جي ڳائڻ واري مقرر وقت مطابق رکيو ويو آهي. ان کان سواءِ هر راڳ يا روپ ۾ جيڪي ڪافيون شامل آهن، تن کي الف ب وار ترتيب ڏني وئي آهي. هن ڪتاب جي قيمت 20 روپيا آهي ۽ داتا فيض درياھہ اڪيڊمي ڊکڻ ضلعي شڪارپور پاران ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي.