انب  جوڳي

انب جوڳي

انب جوڳي

انب جوڳي (ڍولڪ نواز): انب خان ولد بيکو خان جوڳي 1974ع ۾ ٽنڊي الھيار ۾ جنم ورتو. سندس ڏاڏو ڪانجي جوڳي پڻ مشھور ڍولڪ نواز ٿي گذريو آهي. انب جوڳي ننڍپڻ کان ئي ڍولڪ وڄائڻ جو شوق رکندو هو، جنھنڪري شروع ۾ اڪثر ڊالڊا جو خالي دٻو گڏ کڻندو هو. هن شروعاتي سکيا پنھنجي پڦاٽ راڳي سوڍي جوڳيءَ کان حاصل ڪئي. ان کانپوءِ برادي فقير کان شاگرديءَ جو سڳو ٻڌايائين ۽ پوءِ ڪلاسيڪل انگ ۾ ڍولڪ وڄائڻ جي سکيا لاءِ استاد نذير خان جو شاگرد ٿيو. ڪلاسيڪل انگ واري سکيا ۾ کيس ست سال لڳي ويا. انب کي 1988ع ۾ريڊيو پاڪستان ۽ شاھہ عبداللطيف ڪانفرنس ۾ استاد امير عليءَ متعارف ڪرايو. ان کانسواءِ پي ٽي وي تي پڻ انھيءَ دور ۾ پنھنجو فن پيش ڪيو. انب خان سنڌ جي ڪيترن ئي فنڪارن سان گڏ محفل ڪئي آهي، جن ۾: عابدہ پروين، حميرا چنا، فوزيہ سومرو، ڏنو جوڻيجو، ديبا سحر، شمن علي ميرالي، احمد مغل، رازده پروين شامل آهن. انب خان خانگي ٽي وي چينل تي پڻ پرفارم ڪيو ۽ ڇھہ دفعا دبئي پڻ ويو. پھريون ڀيرو ڪي. ٽي .اين طـرفـان هڪ پروگرام ۾ دبئيءَ ويو، جتي هن صادق فقير، احمد مغل، سجاد يوسف، ديبا سحر ۽ طفيل سنجراڻيءَ سان سنگت ڪئي ۽ ٻئي دفعي برڪت علي ڀٽ، ثمينه، ڪنول، ضامن علي ۽ انڊيا جي مھيش چندر (ماسٽر چندر جي پٽ) سان سنگت ڪئي. انب جوڳي 14 جولاءِ 2022ع تي، ٽلٽيءَ جي گمبل شاھہ گهوٽ جي ميلي ۾ محفل دؤران، دل جي دؤري پوڻ سبب وفات ڪئي.


لفظ انب جوڳيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

00.00.1974  عيسوي

انب خان ولد بيکو خان جوڳي 1974ع ۾ ٽنڊي الهيار ۾ جنم ورتو .


2022.07.14  عيسوي

انب جوڳي 14 جولاءِ 2022ع تي، ٽلٽيءَ جي گمبل شاهه گهوٽ جي ميلي ۾ محفل دؤران، دل جي دؤري پوڻ سبب وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڄام جرار:
ڀاڳت فقير
اجمل بيگ مرزا
ڀاتکنڊي وشنو نارائ
ڀَرَتُ
ڀاڳيا سنتوش گاگو مل
پيرل قنبر
ڄام ڪانڀو خان
پير محمود الحسن جان سرهندي
شاھہ حسن
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون