ملهه پهلوان انب شيدي

ملهه پهلوان انب شيدي

انب شيدي

انب شيدي: سنڌ جو مشھور ملھہ پهلوان، جيڪو ”انب کارائي“ جي نالي سان بہ مشھور هو. ٺٽي ضلعي جي کاري واري علائقي ميرپورساڪري جو رهاڪو هو. 1950ع ڌاري، جڏهن 28- 30 سالن جو هو، حيدرآباد ضلعي ۾ ٽنڊي قيصر ۾ لڳندڙ مراد شاھہ جي مشھور ميلي ۾، سنڌ جي پهرئين جوڙ جي پهلوان شير ميربحر کي پوئين ملھہ ماري هئائين. اُن ملھہ تي تماشبينن انب شيديءَ تي رپين (نوٽن ۽ رپين) جو ڄڻ تہ مينهن وسائي ڇڏيو هو ۽ ان کان پوءِ سندس نالو ٿيو.


لفظ انب شيديھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو