انجمن حسيني

انجمن حسيني: سکر پراڻيءَ ۽ سکر نئينءَ ۾ انجمن حسينيءَ جي نالي سان ٻہ انجمنون آهن، جن جو تفصيل هن طرح آهي:
سکر پراڻيءَ جا معصومي ۽ ميرڪي سادات، اڪثر شيعا آهن، جن 1901ع ۾ ”انجمن حسيني“ قائم ڪئي ۽ هر جمعرات امام بارگاھہ ۾ مجلسون ڪندا رهيا. سيد علي شاھہ معصومي انجمن جو انتظام ڪندو هو.
سکر نئينءَ ۾ بہ 1901ع ۾ سيد قائم علي شاھہ واري پڙ تي، هيءَ انجمن قائم ٿي. سندس وفات کان پوءِ پٽس نورمحمد شاھہ انجمن کي زندہ رکندو آيو، ليڪن وٽن ڪا مستقل امام بارگاه ڪانہ هئي. پر جڏهن کان آغا حسن علي پبلڪ پراسڪيوٽر ٿيو، تڏهن سندس ڪوشش سان تڙ ڪوارٽر ۾ ميونسپل طرفان پلاٽ ڏنو ويو، جتي هاڻوڪي امام بارگاھہ تعمير ٿي آهي.


لفظ انجمن حسينيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو