انجير

انجير

انجير

انجير: هن وقت هيءُ وڻ سنڌ ۾ ڪافي تعداد ۾ گهرن ۽ باغن ۾ پوکجي ٿو، ليڪن اصل ۾ جابلو وڻ آهي. هن وڻ جي گل کي ”انجير“ چئجي ٿو. انجير جابلو وڻ جو ڦر آهي، جيڪو ميوي طور به کائجي ۽ سُڪڻ کان پوءِ دوائن ۾ ڪم اچي. ٿورو گول چپتڙو ميوو آهي. رنگ ناسي، ڳاڙهو ۽ آسماني ملاوٽ تي ٿئي. انجير جي ڳر ۾ ٻج جا داڻا داڻا هوندا آهن. انجير ذائقي ۾ مٺو ٿئي ٿو. انجير جو وڻ سڀ کان پهريائين ڏکڻ عربستان ۾ پوکيو ويو. اُتان عرب ۽ پورچوگيز واپارين ذريعي وچ اوڀر، آمريڪا ۽ يورپ ۾ متعارف ٿيو. يونان ۾ انجير جي پوک 9 هجري کان اڳ شروع ٿي. نبي سڳوري جن کي انجير (ميوو) ڏاڍو پسند هو. پاڻ سڳورن فرمايو ته ”دنيا ته ڇا، پر جيڪڏهن جنت ۾ ڪنهن ميوي کي پسند ڪريان ها ته اهو صرف انجير آهي.“ پاڪستان ۾ انجير سرحد صوبي ۾ به جام ٿئي ٿو.
تازي انجير ۾ 84 سيڪڙو پاڻي، هڪ سيڪڙو پروٽين، معدنيات ۽ تيزابيت هوندي آهي. سڪل انجير ۾ 17 سيڪڙو پاڻي، 4 سيڪڙو پروٽين، اڍائي سيڪڙو معدنيات ۽ 60 سيڪڙو کنڊ هوندي آهي. انجير ۾ ڪئلشيم، فولاد ۽ فاسفورس ڪافي مقدار ۾ هوندو آهي. چيو وڃي ٿو ته انجير جو شربت ڇاتيءَ واري بلغم کي صاف ڪري ٿو، جنهن سان نزلي، زڪام ۽ ساهه کڻڻ ۾ تڪليف گهٽ ٿئي ٿي. انجير رت ٺهڻ جي عمل کي تيز ڪري ٿو. رت جي ڪميءَ جو انجير مفيد علاج آهي. انجير ڄڻ ته مڪمل دوا آهي.
پراڻي زماني ۾ انجير کي پهلوانن جي غذا جو اهم جزو سمجهيو ويندو هو. انجير مان شربت، جام، جيلي، مصري ۽ ڪريم وارا بسڪٽ ٺاهيا ويندا آهن.
حڪيمن موجب انجير کي سياري جي موسم ۾ سُڪائي کائڻ سان توانائي وڌي ٿي. انجير اڌرنگ ۽ مرگهيءَ واري مريض کي پڻ فائدو ڏئي ٿو. پيشاب کي خلاصي نموني خارج ڪرڻ ۾ مدد ڏئي ٿو. ڪيترين بيمارين جي علاج ۾ استعمال ڪندا آهن.


لفظ انجيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو