
انجيل
اِنجِيلُ: ’انجيل‘ اصل ۾ يوناني لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”خوشخبري“. اصطلاحاً وحي يا پيغام رباني، جيڪو حضرت عيسيٰ عليہ السلام کي بني اسرائيل جي هدايت لاءِ ڏنو ويو. هن وقت چئن مختلف ڪتابن کي انجيل چيو وڃي ٿو. جيڪي گهڻو ڪري حضرت عيسيٰ جي سوانح آهن، مگر انهن ۾ بہ جابجا حضرت عيسيٰ جي تعليمات ۽ معجزن جو ذڪر اچي وڃي ٿو. انهن مان پهرين ٽن ڪتابن: متي، مرقس ۽ لوقا جي انجيلن کي ”اناجيل متفقه“ قرار ڏنو ويو آهي، ڇوته انهن جو مطلب ملندڙ جلندڙ آهي. چوٿون يوحنا جو انجيل الڳ آهي. انهن چئني کان علاوہ حضرت عيسيٰ عليہ السلام جي ايڪيهن حوارين جي تبليغي سرگرمين جي روئداد (اعمال) سندن ايڪيهن خطن ۽ مڪاشفه يوحنا عارف جي مجموعي کي ’عهدنامه جديد‘ چوندا آهن، ۽ اهو عيسائين جو آسماني ڪتاب مڃيو وڃي ٿو. انهن چئني ڪتابن کان سواءِ حضرت عيسيٰ جي تعليمات متعلق ڪئين ٻيا ڪتاب بہ مرتب ٿيا هئا، ليڪن اهي رد ڪيا ويا.
عيسائين وٽ ”عهدنامو قديم“ ۽ ”عهدنامو جديد“ ٻئي مقدس آهن. حضرت عيسيٰ تي جيڪو ڪتاب (انجيل) نازل ٿيو هو، اهو تہ هڪڙوئي هو، پر انجيل جي نالي سان جيڪي ڪتاب بعد ۾ لکيا ويا، انهن جو تعداد لڳ ڀڳ 80 آهي.
حضرت عيسيٰ عليہ السلام کان تقريباً چار سؤ سال پوءِ اختلافن کان تنگ ٿي، فقط پنجن انجيلن کي صحيح مڃيو ويو، جن مان چار اهي ئي آهن، جيڪي هن وقت عهدنامي جديد ۾ شامل آهن: (1) متيءَ جو انجيل، (2) مرقس جو انجيل، (3) لوقا جو انجيل ۽ (4) يوحنا جو انجيل. انهن ۾ حضرت عيسيٰ عليہ السلام جا حالات زندگي ۽ احڪام گڏ ڪيل آهن، جن کي مذهبي، رسوماتي ۽ قانوني حيثيت حاصل آهي.
پنجين انجيل کي ’پطرس‘ سان منسوب ڪندا آهن، جنهن ۾ حضرت مريم جي زباني حضرت عيسيٰ عليہ السلام جي ننڍپڻ جا حالات بيان ڪيل آهن. حضرت عيسيٰ عليہ السلام جي مقرب ترين دوست برناباس جي تصنيف ڪيل انجيل ۾ حضرت عيسيٰ عليہ السلام کي هڪ برگزيده انسان ۽ ﷲ جي رسول جي حيثيت ۾ پيش ڪيو ويو آهي. هن ۾ آخري رسول جي حيثيت سان حضرت محمد صلي ﷲ عليہ وسلم جي مبعوث ٿيڻ جي خبر ڏني وئي هئي، جنهن جا بني اسرائيل منتظر هئا.
حضرت عيسيٰ عليہ السلام جي زباني چيو ويو آهي تہ ”آءٌ مسيح نہ آهيان، بلڪہ مسيح مون کان پوءِ اچڻ وارو آهي.“ خود چئن انجيلن ۾ لفظي، معنوي ۽ واقعاتي اختلاف بہ موجود آهن .