اندرا شبنم

اندرا شبنم

اندرا شبنم

اندرا شبنم: سنڌي ٻوليءَ جي مشھور ليکڪا، ڪھاڻيڪار ۽ شاعرہ اندرا ٽيڪچند شھدادپوري جو ادبي نالو اندرا شبنم پونا والا آهي. هن 24 نومبر 1956ع تي ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو. سندس والد حيدرآباد سنڌ ۾ ۽ والدہ لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيا. سندس تعليم تعليم بي. اي، بي. ايڊ ۽ هنديءَ ۾ ساهت رتن آهي. اندرا 24 سالن تائين پمپري جئہ هند هاءِ اسڪول (مھاراشٽر) ۾، 2 سال سينٽ ميران اسڪول پوني ۽ چار سالن تائين پونا ڪاليج ۾ پرنسپال رهي آهي. ٻن سالن تائين يرودا جيل ۾ عورتن جي وارڊن بہ رهي آهي. اندرا هڪ ئي وقت سنڌي، هنديءَ، اردو ۽ مراٺي جي ليکڪا آهي. هن جي سنڌيءَ ۾ ڇپيل ڪتابن ۾: ’شبنمي قطرا‘ (شاعري 1991ع)، ’سلڻ جو سُک‘ (شاعري 2001ع)، ’عبادت‘ (ڪھاڻيون 1999ع)، ’عشق عبادت‘ (ڪھاڻيون 2020ع) ۽ ’جاڳيل ضمير‘ (شاعري 2007ع) اچي وڃن ٿا. جڏهن تہ ’تصويرين‘ (هندي آزاد نظم: 2002ع)، ’سرگوشيان‘ (هندي اردو غزل: 2003ع)، ميري منتخب نظمين (اردو شاعري: 2008ع) ۽ ضمير اپنا اپنا (اردو شاعري: 2008ع)“ بہ ڇپجي چڪا آهن. هن جي سنڌي ڪھاڻين جي ڪتاب ”عبادت“ جو هنديءَ ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي. ’دستڪ‘ (هندي شاعري: 2004ع)، ’حقيقتين‘ (اردو ۽ هنديءَ ۾ الڳ الڳ: 2011ع)، ’سلسلي‘ (هندي شاعري: 2003ع) ۽ ’ميري پسنديدہ ڪويتائين‘ (هندي شاعري 2008ع) ڇپجي چڪا آهن. سندس ڪتابن: ”شبنمي قطرا قطرا“ کي سنڌي اڪيڊمي دهليءَ پاران (1996ع)، ”عبادت“ کي مھاراشٽر سنڌي ساهتيہ اڪيڊمي پاران (2003ع) ۽ ”سرگوشيان“ کي ڪولها پور (مھارا شٽر) ۾ انعام ملي چڪا آهن. اندرا پوني جي سنڌي، هندي ۽ اردو ادبي جماعتن جي سرگرمين ۾ حصو وٺندي رهي آهي. ادبي حوالي سان ڀارتيه سنڌو سڀا، لائن ڪلب، مرڪزي سنڌي ساهتيہ اڪيڊمي، مھاراشٽر سنڌي ساهتيہ اڪيڊمي ۽ ٻين ادارن جي ميمبر ۽ عھديدار رهي آهي. مختلف شعبن ۾ ڪم ڪرڻ تي کيس 30 مٿي اوارڊ ۽ اعزاز ملي چڪا آهن. هوءَ هن وقت ماڊل ڪالوني، شوا جي نگر، پوني (ڀارت) ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ اندرا شبنمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1956.11.24  عيسوي

سنڌي ٻوليءَ جي مشھور ليکڪا، ڪھاڻيڪار ۽ شاعره اندرا ٽيڪچند شھدادپوري جو ادبي نالو اندرا شبنم پونا والا آهي. هن 24 نومبر 1956ع تي ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

محمد روشن ٺٽوي
احمد علي شاھہ
علي محمد خان لغاري نواب
سوامي پرمانند
مينگهو فقيرشر
ارجن حاسد
جعفر جاني
سڄڻ قبولائي
سيد فاضل شاھہ فاضل
ارشاد سومرو
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون