
اندرا گانڌي
اندرا گانڌي: ڀارت جي پهرين عورت وزيراعظم، نامياري سياستدان ۽ ڀارت جي اڳوڻي وزيراعظم جواهر لعل نهروءَ جي اڪيلي ڌيءَ، اندرا گانڌي، 19- نومبر 1917ع، الھہ آباد (ڀارت) ۾ پيدا ٿي. ڀارت، برطانيا ۽ سوئٽزرلئنڊ ۾ تعليم حاصل ڪيائين. ان وچ ۾ ڪجهہ عرصو بنگال جي عظيم شاعر رابندرناٿ ٽئگور جي تعليمي اداري ”شانتي نڪيتن“ ۾ پڻ تعليم حاصل ڪيائين. تعليم جي حصول کان پوءِ عملي سياست ۾ حصو ورتائين؛ 21 سالن جي عمر ۾ انڊين نئشنل ڪانگريس جي رڪنيت اختيار ڪيائين. 1942ع ۾ انڊين نئشنل ڪانگريس جي هڪ سرگرم رڪن ۽ پارسي نوجوان فيروز گانڌيءَ سان شادي ڪيائين. 1947ع ۾ ڪانگريس جي عورتاڻي شاخ جي صدر منتخب ٿي. پنھنجي پيءُ جي وفات کان پوءِ آزاد هندستان ۾ لال بھادر شاستريءَ جي ڪابينا ۾ اطلاعات واري وزارت ۾ پڻ رهي. 1966ع ۾ ڀارت جي پهرين وزيراعظم چونڊجي آئي. 1967ع ۽ 1971ع ۾ پڻ چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻيائين. 1977ع تائين بدستور وزيراعظم جي عهدي تي فائز رهي. 1972ع ۾ هن ئي، شھيد ذوالفقار علي ڀُٽي سان ”شمله ٺاھہ“ ڪيو. 1971ع ۾ سندس جماعت چونڊن ۾، جنتا پارٽيءَ کان شڪست کاڌي، اهڙيءَ طرح هن 22 مارچ 1977ع تي وزارت عظميٰ جي عهدي کان علحدگي اختيار ڪئي. ان کان پوءِ مٿس بدعنوانين جا ڪيترا الزام لڳا ۽ هوءَ گرفتار پڻ ٿي، پر مٿس الزام ثابت نہ ٿي سگهيا. سندس گرفتاريءَ، کيس هڪ دفعو ٻيهر مقبول ڪري ڇڏيو ۽ هوءَ 1980ع جي وچ ڌاري ٻيهر اليڪشن ۾ ڪامياب ٿي؛ ۽ وزيراعظم بڻجي ويئي. 1983ع ۾ کيس سکن جي بغاوت کي منهن ڏيڻو پيو ۽ 1984ع ۾ هن سکن جي مشھور ڌرمي عبادتگاھہ گولڊن ٽيمپل ۾ موجود دهشتگردن خلاف فوجي ڪاروائي ڪرائي، جنهن تي سک مشتعل ٿيا ۽ برصغير جي هن عظيم عورت ۽ باوقار سياستدان کي 31 آڪٽوبر 1984ع تي شھيد ڪيو ويو. سندس ٻہ پٽ راجيو گانڌي ۽ سنجي گانڌي هئا. سنجي گانڌي هڪ فضائي حادثي ۾ مارجي ويو، جڏهن تہ راجيو گانڌيءَ کي 1991ع جي چونڊ مھم دوران، 21 مئي تي قتل ڪيو ويو. اندرا برصغير جي سياست ۾ وڏو مقام رکي ٿي. راجيو گانڌيءَ جي گهر واري سونيا گانڌي سندس ننهن آهي، جيڪا هن وقت سندس پارٽي انڊين نئشنل ڪانگريس جي صدر آهي.
1917.11.19 عيسوي
اندرا گانڌي ، 19- نومبر 1917ع ، الهه آباد ( ڀارت ) ۾ پيدا ٿي
1984.10.31 عيسوي
اندرا گانڌي کي 31 آڪٽوبر 1984ع تي شهيد ڪيو ويو