اندر جي اڇل - ڪتاب

اندر جي اڇل - ڪتاب

اندر جي اڇل

اندر جي اڇل (ڪتاب ):هي ڪتاب ناول نگار ۽ فيلسوف زان پال سارتر جو جڳ مشهور ناول Nausee جو سنڌي ترجمو آهي، جيڪو هن 1938ع ۾ لکيو، جيڪا سندس پهرين لکڻي هئي. ان ناول جا دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجما ٿي چُڪا آهن. سنڌيءَ ۾ انهيءَ ناول جو ترجمو ڊاڪٽر بدر اُڄڻ ڪيو آهي. سارتر ناول بابت پنهنجا ويچار ونڊيندي هڪ هنڌ لکيو آهي ته ”خواب ناول“ ڪوڙ ڪٽڻ ۽ غلط بيانيءَ جي ڪري پڙهندڙ کي خوش ڪندو آهي، جڏهن ته ڪو سٺو ناول، ڪنهن خاص مقصد ۽ نظريي تي دارومدار رکندڙ، اڻٽر ادبي ضرورت آهي.“ سارتر جي سنڌي ترجمي تي مشتمل هن ناول جو مهاڳ نامور شاعر ۽ نقاد تاج بلوچ لکيو آهي، هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو جون 2005ع ۾ سوجهرو پبلڪيشن پاران شايع ٿيو. هي ڪتاب 286 صفحن تي مشتمل آهي. هن ڪتاب جي قيمت ڪچي جلد ۾ 150 ۽ پڪي جلد ۾ 200 ڄاڻايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1938.00.00  عيسوي

اندر جي اڇل ( ڪتاب ) : هي ڪتاب ناول نگار ۽ فيلسوف زان پال سارتر جو جڳ مشهور ناول Nausee جو سنڌي ترجمو آهي ، جيڪو هن 1938ع ۾ لکيو ، جيڪا سندس پهرين لکڻي هئي .



ڪتاب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ترغيب العلم
تاريخ سنڌ 6
ٽيلي ناٽڪ ڪيئن ٺاهجي
ٻنڌڻ (ڪتاب)
تاريخ امامت
بابر نامو
سورج جي پهرين ڪِرڻ
ديوان غزل هاي مير محمد نصير خان تالپور جعفري
سچل سرمست جو چونڊ ڪلام
شام جا قيدي
ڪتاب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون