
انساب مشائخ سيوستاني
انساب مشائخ سيوستاني: هن نسخي جو مصنف مخدوم حسن ﷲ شاھہ الصديقي پاٽائي آهي هيءُ نسخو کانئس پڇيل سوالن جي جوابن تي مشتمل آهي. هن جو هڪ عڪسي نسخو سنڌ الاجي ڄامشوري ۾ موجود آهي. جيڪو پير حسام الدين راشدي انڊيا آفيس لائبريري مان حاصل ڪيو هو. ان جو سنڌي ترجمو مخدوم ميان علي گوهر صديقي پاٽائي ڪيو آهي. مخدوم سليم ﷲ صديقيءَ مقدمي سان گڏ ان سنڌي ادبي بورڊ پاران کي شايع پڻ ڪرايو آهي.