
انساني تهذيب جي ارتقا- ڪتاب
انساني تھذيب جي ارتقا (ڪتاب ):تھذيب جي ارتقا بابت اصل ۾ هي ول ڊيورانٽ جو ڪتاب آهي، جنهن جو سنڌي ترجمو رازشر ڪيو آهي، ڇھن بابن تي مشتمل هن ڪتاب ۾ انساني تهذيب، رهڻي ڪهڻي، سماجي اخلاقيات، مذهب، شادي، سائنس، آرٽ، قديم پٿر جي دور جا فنن وغيرہ بابت مختصر پر جامع طريقي سان تهذيبي ارتقا بيان ڪئي وئي آهي. ڪتاب جو پبلشر لکي ٿو تہ ”غارن واري انسان کان وٺي مريخ تي رسڻ جون ڪوششون ڪندڙ انسان ڪهڙن مرحلن مان گذريو آهي، اهو هن ڪتاب ۾ موجود آهي.“ پڪي جلد سان هن ڊيمي سائيز ڪتاب جو پهريون ڇاپو سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچيءَ پاران 2003ع ۾ شايع ٿيو. هن ڪتاب ۾ 150 صفحا آهن ۽ ان جي قيمت 100 روپيا آهي.