انساني حق

انساني حق: انساني حقن کي ”بنيادي حَقَ“ بہ چيو ويندو آهي. انهن حقن کانسواءِ نہ تہ ڪو ماڻهو آزاد زندگي گذاري سگهي ٿو، ۽ نہ ئي ڪو ملڪ جمهوري سڏجي سگهي ٿو. پاڪستان جي 1973ع واري مروج آئين ۾ بنيادي انساني حقن جي فهرست ڏني وئي آهي ۽ ان سان گڏ اهو بہ واضح ڪيل آهي تہ ڪوبه اهڙو قانون، جيڪو انهن بنيادي حقن سان ٽڪرائبو، اهو ختم ٿي ويندو. آئين ۾ ذڪر ڪيل بنيادي حق هيٺيان آهن: زندگيءَ ۽ آزاديءَ جو حق، گرفتاري ۽ ناحق نظربنديءَ کان تحفظ جو حق (ڪجهہ شرطن سان)، غلاميءَ ۽ بيگار جي منع، ٻِٽي سزا خاف تحفظ (يعني ڪنهن بہ هڪ مجرم کي هڪ ڏوھہ تي ٻہ دفعا سزا نہ ڏني ويندي)، ذاتي عزت جو تحفظ، لڏپلاڻ ۽ رهائش جي آزادي، اجتماع جو حق، انجمن ٺاهڻ جو حق، سياسي پارٽي ٺاهڻ يا ان ۾ شامل ٿيڻ جو حق (ان شرط سان تہ شھري سرڪاري ملازمت ۾ نہ هوندو)، ڪاروبار، واپار ۽ گذر سفر جو حق، تحرير ۽ تقرير جي آزادي، پنھنجي مذهب تي عمل جو حق، تعليمي ادارن ۾ مذهبي تحفظ، مذهبي ٽئڪس کان تحفظ، حق جائداد يا ملڪيتي حقن جو تحفظ، شھريت ۾ برابري، عوامي جاين (مذهبي جاين کان سواءِ) تائين پهچڻ/گهمڻ جو حق، ملازمت جو حق ۽ ٻوليءَ ۽ ثقافت جو حق وغيرہ. اهي سمورا حق گڏيل قومن جي انساني حقن واري چارٽر موجب شهرين کي ملڻا آهن .


لفظ انساني حقھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو