انساني قدمن جا پنڊ پهڻ نشان

انساني قدمن جا پنڊ پهڻ نشان

انساني قدمن جا پنڊ پهڻ نشان

انساني قدمن جا پنڊ پهڻ نشان: قديم انسان جي قدمن جا نشان مارچ 2009ع جي پڇاڙيءَ ۾ سنڌ ايڪسپلوريشن سوسائٽيءَ جي ميمبرن حاڪم علي شاهه بخاري، اشتياق انصاري، بدر ابڙي ۽ عزيز رانجهاڻيءَ ڳولي لڌا، پيرن جا اهي پنڊ پهڻ نشان گنجي ٽڪر ۾ موجود آهن. ماڳ جي ٺيڪ ٺيڪ نشاندهي في الحال ان خيال کان نه ڪئي وئي آهي ته متان اهي چوري نه ٿي وڃن. مقامي ماڻهن قدمن جا ٽيئي نشان نئن جي پيٽ مان چڪين جي صورت ۾ ڪڍي، ڪنهن هنڌ نصب ڪري ڇڏيا آهن. سندن خيال آهي ته اهي قدم فقط حضرت علي سائينءَ جا ئي ٿي سگهن ٿا. اهي ماڻهو اڃا موجود آهن جن اهي نشان وڏي جفاڪشيءَ سان چڪين جي صورت ۾ ڪڍي ڪنهن هنڌ محفوظ ڪيا آهن. هو اڄ به اها نشاندهي ڪري سگهن ٿا ته هنن اهي نشان ٺيڪ ڪري ڪهڙي جاءِ تان ڪوري آندا آهن. هي قدم عام انسان جي پيرن جي ماپ جا، پر ڪجهه داڦوڙا آهن. يعني اهي ڪنهن اهڙي انسان جا قدم آهن، جنهن جو قد ساڍا پنج يا پوڻا ڇهه فٽ کن هوندو ۽ اهو ماڻهو سڄي عمر پيرين اگهاڙو جبلن ۾ هليو هوندو. ائين جبلن ۾ هلي هلي هن جا پير داڦوڙا ٿي ويا هئا، يعني اهو پير نرم نازڪ ۽ سنهڙو نه، پر مضبوط آهي. جنهن جاءِ تان انساني قدمن جا نشان مليا آهن، اها ارضياتي لحاظ کان ’تازي جوڙجڪ‘ آهي. جيڪا اٽڪل ٻه ملين سال اڳ کان شروع ٿي ۽ اها اڃا تائين جاري آهي. خود ’باشعور انسان‘ Homo sapiens) )، جنهن جي پيرن جا پنڊ پهڻ سڄي دنيا ۾ ملن ٿا، هي نشان پلائسٽسين کان تازي وقت جي انسان جو آهي. هي سنڌي انسان انهن ٽڪرين ۾ ٺيڪ ٺيڪ ڪهڙي زماني ۾ موجود هو؟ ان سوال جو جواب پٿرن جي جوڙجڪ جي لئبارٽري ٽيسٽ کان پوءِ ملندو، پر هي يقيناً ڪو شڪاري ماڻهو هو، جيڪو شڪار جي ڳولا ۾ گنجي ٽڪر جي هڪ نئن ۾ گپراٺي گچ تي قدمن جا ٽي نشان ڇڏي ويو آهي. ٻه نشان ساڄي پير جا ۽ هڪ کاڄي پير جو. ان کان پوءِ شايد ڪجهه ائين ٿيو هوندو. ته جلد ئي ڪا ارضياتي تبديلي آئي، جنهنڪري زمين جو اهو خطو خاص ڪيميائي دور مان گذريو ۽ پوءِ وقت سان اهو گچ سخت پٿر ٿي ويو. پيرن جا پنڊ پهڻ نشان ڪن ٻين ملڪن خاص ڪري آفريڪا، ٽيڪساس، ميڪسيڪو، هوائي، ترڪي، اٽلي ۽ فرانس مان به مليا آهن. اهي سڀ نشان زمانن، ارضياتي خطن، ماحولن ۽ انساني نسلن جي لحاظ کان هڪٻئي کان مختلف ضرور آهن پر اهي سڀ ڪنهن فرق يا امتياز کان سواءِ ترقي يافته انساني نسل ’باشعور انسان‘ Homo sapien جا آهن، انهن مان هڪ قدم آسٽرالو پٿيڪس جو آهي، جيڪو 1. 3 ملين سال اڳ کان 8. 3 ملين سال قديم آهي. اها عمر پوٽاشم آرگن ڊيٽنگ طريقي سان حاصل ڪئي وئي آهي. فرانس جي هڪ غار مان لڌل قدم جو نشان فقط 10 هزار سال قديم آهي. ڏکڻ آفريڪا ۾ واريءَ جو هڪ دڙو، جنهن تي قدم جو هڪ نشان آهي، وقت سان پٿر ٿي ويو، اهو 1,17,000 سال قديم آهي. ترڪيءَ ۾ ديمبرڪوپرو ماڳ ويجهو جوالائي خاڪ جي تهن مان ملندڙ نشان اڍائي لک سال اڳ نندرٿال انسان جو آهي. دنيا ۾ سڀ کان قديم نشان شايد چاليهه لک سال قديم آهن. ٻئي نمبر تي سڀ کان قديم پيرن جا نشان 6. 3 ملين (36 لک) سال قديم آهن ۽ تنزانيا مان لڌا ويا آهن، جيڪي پڻ آسٽرالو پٿيڪس آفريڪانس جا آهن. تنزانيا آفريڪا مان لڌل هڪ قدم 5. 3 کان 8. 3 ملين سال اڳ جو آهي جيڪو پڻ جوالائي خاڪ مان مليو. هوائي والڪينو نيشنل پارڪ آمريڪا مان لڌل قدم 13 کان 29 ملين سال قديم آهي. اُڀي انسان جي قدمن جو دنيا ۾ قديم ترين نشان Ileret ڪينيا آفريڪا ۾ آهي جيڪو وارياسن پٿري تهن تي 51. 3 کان 53. 1 ملين سال اڳ جو آهي. اهو اوائلي اڀو انسان Early Homoerectus هو. برفاني دور سان تعلق رکندڙ قدمن جا سوين نشان آسٽريليا جي هڪ سڪل ڍنڍ وٽان مليا آهن. اهي 20 هزار سال قديم آهن. اهي، ان خطي ۾ هيل تائين لڌل سڀ کان قديم نشانن مان آهن. اهي نشان ان وقت ٺهيا جڏهن قديم ماڻهو سڪل ڍنڍ ويجهو ڏرا ڏيندڙ زمين تان لنگهي ويا. اهي نشان پوءِ پٿرائجي ويا. ڪينيا ۾ ئي هڪ ماڳ تان 5. 1 ملين سال اڳ جا هڪ ئي هنڌ قديمي نشان مليا آهن. انهن ۾ جانورن جا پيرا به شامل آهن، ائين ٿو لڳي ته اها ڪا گپراٺي جاءِ هئي. انهن ماڻهن جا قدم جديد ماڻهو جهڙا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو