هفتيوار انسان

هفتيوار انسان

انسان هفته وار

انسان هفته وار: محمد عثمان ڏيپلائي جي ادارت هيٺ شايع ٿيندڙ هفتيوار ”انسان“ حيدرآباد جو اجراء 3 مئي 1959ع کان ٿيو. پهريون شمارو ”شھيد انسانيت“ نمبر جي صورت ۾ آيو. ڪور تي ابراهام لنڪن جي تصوير ڏنل هئي، جنهن جي هيٺان سندس مشھور مقولو درج ٿيل هو.
”جهڙيءَ طرح آءُ ڪنهن جو غلام ٿيڻ پسند نہ ڪندس،
اهڙيءَ طرح ڪنهن کي غلام بڻائڻ بہ گوارا نہ ڪندس.!“
هفته وار ”انسانپاڪستان ٺھڻ کان پوءِ سنڌيءَ ۾ پهريون فيملي ميگزين چئي سگهجي ٿو. منجهس ڏيپلائي صاحب جي لکيل جديد ترقي پسندانه انساني ارتقاء جي سائنسي نظريئي جي آسان زبان ۾ سمجاڻي، جاهلانه عقيدن ۽ رسمن خلاف لکڻيون، سنڌي تھذيب ۽ زبان خلاف ٿيندڙ حڪومتي سازشن خلاف پرزور احتجاج، ”ٻارن جا صفحا“، ”عورتن جا صفحا“، ”فلمي صفحا“، ”دنيا جھان جون خبرون“، ”تبصرا“، ”تنقيد“ وغير، مطلب تہ ”انسان“ هڪ مڪمل فيملي ميگزين هو. انسان جا خصوصي شمارا تاريخي اهميت جا حامل آهن. مثلاً ”آزادي نمبر، شھيد لو سمبا نمبر، ٽالسٽاءِ نمبر، سچل سرمست نمبر، ڀٽائي نمبر، سنڌ مدرسہ نمبر“ وغيرہ رسالي جو آخري شمارو 27 فيبروريءَ 1961ع تي شايع ٿيو. تنهن کانپوءِ سرڪار طرفان مٿس بندش عايد ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو