انس بن مالڪرضه: حضرت انس بن مالڪ رضي ﷲ عنھ جي والدہ سڳوريءَ جو نالو ام سليم آهي، سندن ڪنيت ابو حمزہ آهي ۽ سندن تعلق خزرج قبيلي سان آهي. حضرت انس مشھور اصحابي، پاڻ ڪريمن صلي ﷲ عليھ وسلم جن جو خدمتگار، امام، مفتي، معلم قرآن، محدث ۽ ناليوارو راوي آهي. سندس والد اسلام قبول نہ ڪري سگهيوَ پر سندس والدہ اسلام قبول ڪري هجرت ڪئي، هجرت ڪري مديني شريف پهچڻ کانپوءِ ان کي حضور نبي ڪريم ﷲ عليھ وسلم جن جي خدمت ۾ وٺي آئي ۽ سندن خادم طور اچي پيش ڪيائين. اهڙيءَ طرح پاڻ ڪريمنصه جي وصال مبارڪ تائين حضرت انس رضي ﷲ عنھ سندن خدمت گذاري ۾ رهيو. حضرت انس ٻار هئڻ سبب بدر جي جنگ ۾ حصو وٺي نہ سگهيو، ليڪن ٻين اٺن غزون (جنگين) ۾ شريڪ ٿيو. سندس والدہ جي درخواست تي پاڻ ڪريمن صلي ﷲ عليھ وسلم جن حضرت انس جي عُمر، اولاد ۽ مال ۾ برڪت لاءِ دعا گهري، اُها دُعا قبول ٿي. دُعا جو اثر اهو ٿيو جو حضرت انس جو باغ سال ۾ 2 دفعا ڦرندو هو ۽ 103 سال عمر ماڻيائين ۽ تقريباً سؤ جي تعداد ۾ اولاد ٿيو. ڪن سندن اولاد 80 چيو آهي، 78 پُٽ ۽ 2 نياڻيون. مشھور بصري محدث ابو عمير عبدالڪريم بن محمد بن عبدالله بن حصف بن هشام سندن اولاد مان آهن. حضرت انس رضي ﷲ عنھ پاڻ ڪريمنصه ۽ وڏن اصحابن کان گهڻيون حديثون روايت ڪيون. ان کان پڻ تقريباً هڪ سئو راوين روايت ڪئي. کانئن روايت ٿيل حديثن جو تعداد 2286 آهي. پاڻ سن 93 هجري ۾ بصري ۾ وفات ڪيائين ۽ هيءُ آخري اصحابي هو، جنهن سڀني اصحابن کان آخر ۾ وصال ڪيو.