انشاءِ عطارد (ڪتاب ): هيءُ ڪتاب منشي شيوڪرام ”عطارد“ (متوفي 1244ھہ/1828ع) جو لکيل آهي. منشي عطارد فارسيءَ جو سٺو شاعر هو. سنڌ ۾ هن جو درجو اهو آهي، جيڪو هندستان اندر لاله لڇمي نارائڻ ۽ چندر ڀان برهمڻ جو هو. ٺٽي جو باشندو ۽ محسن ٺٽويءَ جو شاگرد هو. مير علي شير قانع سان خاص دوستيءَ جو رشتو هئس. ابتدا ۾ ميان غلام شاھہ ڪلهوڙي جي دربار ۾ (86- 1170ھہ/72-1756ع) منشي هو ۽ ان کان پوءِ جڏهن ميان سرفراز خان تخت نشين ٿيو تہ ان جو مشير خاص ٿي رهيو. ”ديوان“ ۽ ”مثنوي هير رانجهو“ کان سواءِ هن جي خطن جو هيءُ مجموعو سنڌ جي تاريخ لاءِ بيش بھا خزانو آهي. البت اسلوب نگارش ۾ تڪلف ۽ عبارت ۾ شيريني ۽ دلاويزي گهٽ اٿس، ليڪن تاريخي لحاظ کان نهايت قيمتي آهي. اِن ۾ ميان غلام شاھہ (86- 1170ھہ/1756-72ع)، ميان سرفراز ڪلهوڙي (89-1186ھہ/75-1772ع) ۽ مير بجار شھيد (1194ھہ/1780ع) جي سلسلي ۾ ڪيترا خط تاريخي دستاويز جي حيثيت رکن ٿا. عطارد جو انتقال 1196هجري مطابق 1781ع ۾ ٿيو. هي ڪتاب قلمي نسخي جي شڪل ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي لائبريري ۾ موجود آهي، جڏهن تہ سال 2013ع ۾ هن ڪتاب کي فارسيءَ ۾ ئي شايع ڪرايو ويو آهي.