انشراح، سورة: قرآن مجيد جي 94 هين سورة، جنهن ۾ هڪ رڪوع ۽ اٺ آيتون آهن. هي سورة مڪي ۾ نازل ٿي. هن سورة جي ابتدا ۾ انهن ٽن نعمتن جو ذڪر آيل آهي جيڪي آلله تعاليٰ، حضور اڪرم صلي ﷲ عليہ وسلم کي عطا ڪيون هيون.(1) ﷲ پاڪ اوهان جو سينو کولي ڇڏيو آهي، اوهان هر شيءِ کي پرکي سگهو ٿا. (2) جيڪو بار نبوت کان اڳي اوهان تي هو، اهو ختم ڪيو ويو آهي. (3) اوهان جو ذڪر سڀني کان بلند ۽ افضل ڪيو ويو آهي.
ان کان سواءِ نبي ڪريم صلي ﷲ عليہ وآله وسلم کي اطمينان ڏياريو ويو آهي تہ هي دؤر جنهن مان اوهان گذري رهيا آهيو ڊگهو ناهي، هن تنگيءَ جي دؤر سان گڏ ئي آسانيءَ وارو دؤر اچڻ وارو آهي. هن سورة جي آخر ۾ حضور اڪرم صلي ﷲ عليہ وآله وسلم کي اهو ٻڌايو ويو آهي تہ انهن مشڪلاتن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ جيڪي هن وقت اوهانکي پيش اچي رهيون آهن، توهان انهن مسئلن کان فارغ ٿي عبادت ۽ رياضت ۾ لڳي وڃو.