انشقاق، سورة: قرآن پاڪ جي 84 هين سورة، هن جو نالو پهرين آيت مان ورتل آهي. هن ۾ 25 آيتون آهن. ۽ سورة مڪي شريف ۾ نازل ٿي، هن جي پڙهڻ سان خبر پوي ٿي تہ هيءَ اسلام جي ابتدائي دؤر جي سورة آهي، جڏهن اڃا ظلم ۽ ستم شروع نہ ٿيو هو، البته قرآن پاڪ جي دعوت کان انڪار ڪيو ويو هو ۽ ماڻهو اهو مڃڻ کان انڪاري هئا تہ قيامت ايندي. پهرين پنجن آيتن ۾ قيامت جي ڪيفيت بيان ڪيل آهي، تہ ان ڏينهن آسمان ڦاٽي پوندو ۽ زمين پنهنجون سڀ شيون ٻاهر ڪڍندي، اڳين ڏهن آيتن ۾ ٻڌايل آهي تہ انسان شعوري ۽ لاشعوريءَ طور اوڏانهن وڃي رهيو آهي، جڏهن تہ هڪ ڏينهن ان کي مالڪ جي اڳيان پيش ٿيڻو آهي، پوءِ سڀئي انسان ٻن گروهن ۾ ورهائجي ويندا، هڪڙا اهي جن کي سندن اعمال نامو سڄي هٿ ۾ ڏنو ويندو ۽ اهي معاف ڪيا ويندا، ۽ ٻيا اهي، جن جو اعمال نامو کاٻي هٿن ۾ ڏنو ويندو، اهي چاهيندا تہ هاڻي وري مري وڃون، پر کين جھنم ۾ ڦٽو ڪيو ويندو. اهڙا ماڻهو جيڪي قرآن پاڪ جا انڪاري آهن انهن لاءِ دردناڪ عذاب جي خبر ڏنل آهي.