انعام عباسي

انعام عباسي

انعام عباسي

انعام عباسي: نوجوان شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ ڊراما نگار انعام الله عباسي، 10 جون 1971ع تي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. بي. اي ڪيائين. سٺو اداڪار به آهي ۽ ڪي. ٽي. اين تي پنهنجا جوهر ڏيکاري رهيو آهي. سندس ٻه سيريل ”ٽٽل تارون“ ۽ ”پنهنجو گهر“ ڪي. ٽي. اين تان ٽيليڪاسٽ ٿيل آهن. ادب ۾ سندس نمايان خدمتون آهن، هن 1994ع کان ’نئون نياپو‘ نالي ماهوار رسالو شروع ڪيو، جنهن جا هن وقت تائين 90 کان مٿي شمارا ايڊٽ ڪري ڇپرائي چڪو آهي، هي رسالو سنڌي ادب ۾ سٺي حيثيت ماڻي چڪو آهي. هن نئون نياپو اڪيڊميءَ پاران نامور شاعر تاجل بيوس ۽ ٻين ليکڪن جا ڪيترائي ڪتاب ڇپايا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

10.06.1971  عيسوي

نوجوان شاعر ، ڪهاڻيڪار ۽ ڊراما نگار انعام الله عباسي ، 10 جون 1971ع تي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو .



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

احمد بخش بدوي
غالب ملڪاڻي
امام علي شاهه
الطاف عاصي ڊاڪٽر
تمر فقير
حميره نور
اوڌو داس وشنداس ڀارواڻي
عبدالله خواب حيدرآبادي
عنصري
مراد فقير زنگيجو
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون