انفال سورة

انفال، سورة: قرآن مجيد جي اٺين سورة، جيڪا مديني منوره ۾ نازل ٿي، جنهن ۾ 75 آيتون آهن. هي سورة بدر جي جنگ کانپوءِ نازل ٿي. هن ۾ مسلمانن جي لاءِ غنيمت جي مال جي ورهاست متعلق حڪم ۽ بدر جي جنگ جا ڪجهہ واقعا بہ بيان ڪيل آهن. ان کان سواءِ جهاد جا آداب ۽ مجاهدن جا فرض، مڪي جي مشرڪن جا رويا بہ بيان ڪيل آهن. قديم سرڪش قومن جا حوالا ڏئي ٻڌايل آهي تہ مومن هميشہ سوڀ حاصل ڪندا آهن ۽ خدا جا منڪر شڪست کائيندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو