انقلاب ايران (ناول ): محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو لکيل هن ناول جو پهريون ڇاپو 1980ع ۾ اسلاميہ پرنٽنگ پريس حيدرآباد مان ڇپيو. ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب ۾ حضرت آيت ﷲ روح ﷲ خمينيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ ايران ۾ آندل انقلاب جو ذڪر آهي. پاڪستان رائيٽرز گلڊ طرفان هن ناول کي سال 1980ع جي بھترين سنڌي ناول جو اعزاز ڏنو ويو. هي ناول ڏيپلائي صاحب جو لکيل آخري ڪتاب آهي. قيمت پنج رپيا اٿس.