انمول بلوچ
انمول بلوچ: اداڪاره انمول بلوچ 13 جنوري 1992ع تي پٺاڻ بلوچ جي گهر، ڪراچيءَ ۾ پيدا ٿي. سندس والد جو تعلق ڪشمور ضلعي سان آھي. ھن ڪراچيءَ يونيورسٽيءَ مان ڪمپيوٽر سائنس ۾ گريجوئيشن ڪئي. عملي زندگي جي شروعات 2016ع ۾ ڊرامي ’ڪمبخت تنو‘ ۾ بطور اداڪاره ڪئي. ڊرامي ’قربتين‘ ۽ ’اِڪ عام سي لڙڪي‘ ۾ سندس ڪردار اريبه ۽ انمول کي تمام گهڻي پذيرائي ملي. سندس ٻين مشھور ڊرامن ۾ ’جلتي بارش‘، ڪبهي بئنڊ ڪبهي باجا‘ (2018ع)، ’ديوار شب‘ (2019ع، ’سترائي عشق‘(2020ع)، ’خواب نگر ڪي شھزادي‘ (2021ع)، ’اڪ ستم اور‘ (2022ع)، ’صرف تم‘ (2023ع)، ’شدت‘ (2024ع) ۽ ٻيا شامل آھن.
1992۔01۔13 عيسوي
اداڪاره انمول بلوچ 13 جنوري 1992ع تي پٺاڻ بلوچ جي گهر، ڪراچيءَ ۾ پيدا ٿي.