انند ڀيرو/ انند ڀيرون: ڀيرو راڳ جو قسم ۽ سمپورن راڳڻي آهي . هي راڳ بہ مشر ميل آهي ، جنهن ۾ بلاول اترانگ ۾ ۽ ڀيرو پور وانگ ۾ ملايل آهن ، جيئن تہ ڀيرو جو قسم آهي ، ان لاءِ ڀيرو جو انگ دربل رکڻ ضروري اهي ۽ بلاول جو انگ ڪي قدر دٻيل هجي تہ چڱو . هن راڳڻيءَ ۾ اگر دَيوت تيور ڪجي تہ مشھور راڳ سور ڪانت جي صورت وٺندو ، جيڪو هاڻي رواج ۾ ڪو نہ آهي . هن جو خاص سرگم: سا . را را . سا- ني ڌي پِا – سا- گي را گي ماپا ما گي را- را- سا آهي . هن جي آروهي سارا گي ما پا ڌي ني سَا ۽ امروهي ساني ڌي پا ما گي را سا آهي ، جڏهن تہ وادي سُر کرج ۽ سموادي سُر ڌيوت آهي .