انوار الاسرار تفسير

انوار الاسرار تفسير (قلمي ):هيءُ قرآن حڪيم جو تفسير آهي. جنهن ۾ سالڪ لاءِ تصوف جون انتهائي نازڪ ۽ نفيس ڳالهيون ظاهر ڪيون ويون آهن. ان جو مؤلف مسيح الاولياء شيخ عيسيٰ جند سنڌي پاٽائي ثم برهانپوري آهي. قرآن مجيد جي تفسير انوار الاسرار عربيءَ ٻوليءَ ۾ چئن جلدن ۾ سندس مشھور تصنيف آهي. ان تفسير جا چند نامڪمل نسخا سنڌ ۾ پڻ موجود آهن. هڪ نسخو جيڪو سورة الطور کان الحديد تائين آهي. مسيح الاوليا شيخ عيسيٰ جي اولاد مان مخدوم سليم صديقي جي ذاتي ڪتب خاني ۾ موجود آهي. جنهن جو سنڌي ترجمو ۽ اصل متن ادارہ پاٽ هائوس حيدرآباد طرفان 1998ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو ويو آهي.


لفظ انوار الاسرار تفسيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو