انور

انور: اصلي نالو آغا حامد علي احمد زئي ولد آغا محمد ابراهيم. سندس پيدائش 11 آڪٽوبر 1936ع تي حيدرآباد شھر ۾ ٿي. سنڌي پرائمري استاد ٿيو، پر پوءِ ماستري ڇڏي حڪمت جا امتحان ڏنائين. انوکي قسم جو شاعر هو. ”انور“ تخلص رکندو هو. دريائي مشاعرو، آفتابي مشاعرو، ماهتابي مشاعرو ۽ انهيءَ قسم جا ٻيا مشاعرا سندس ذوق جي خبر ڏين ٿا. سندس ڪلام جا هيٺيان مسودا اڻ ڇپيل آهن. (1) ’ثمرات بحر‘، (2) ’ثمرات سماء‘، (3) ’لون انور‘، (4) ’ڪليات انور‘، (5) ’حيوانات انور‘، (6) ’طائران انور‘، (7) ’معدنيات انور‘، (8) ’امر انور‘، (9) ’نباتات انور‘، (10) ’خدائي انور‘، (11) ’حشرات انور‘، ۽ (12) ’چار جماعتون‘.


لفظ انورھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1936.10.11  عيسوي

انور: اصلي نالو -آغا- حامد علي -احمد زئي- ولد -آغا- محمد ابراهيم . سندس پيدائش 11 آڪٽوبر 1936ع تي حيدرآباد شهر ۾ ٿي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

طالب حسين ڀورو بروهي
راڻو ارجن ۽ بجار جوکيو
انور وسطڙو ( راڳي)
جوهي چاولا
محمد اسلم ڀوتاڻي
ايڇ ڊبليو پريڊي
استاد لغاري
بشير احمد شاد ڊاڪٽر
عاشق حسين پاٽولي استاد
خليفو حاجي عبدالله
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون