انور هڪڙو

انور هڪڙو

انورهڪڙو

انورهڪڙو: ريڊيي پاڪستان حيدرآباد جي مشھور براڊ ڪاسٽر انور هڪڙي جو پورو نالو محمد انور ولد محمد عثمان هڪڙو آهي. هن 2 جون 1952ع تي ڳوٺ بٺي ھڪڙو، تعلقي ميرو خان ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. تعليم مڪمل ڪري پنھنجي عملي زندگيءَ جي شروعات پريس اينڊ انفارميشن کاتي ۾ نوڪريءَ سان ڪئي. نوڪريءَ جي سلسلي ۾ قمبر شھر کان لڏي اچي حيدرآباد ۾ رهائش پذير ٿيو. براڊ ڪاسٽنگ واري شعبي سان دلچسپي سبب پريس اينڊ انفارميشن جي نوڪري ڇڏي ريڊيي پاڪستان ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو، جتي هو 18 سال پروڊيوسر، سينئر پروڊيوسر ۽ پروگرام مئنيجر جي حيثيت سان ڪم ڪندو رهيو. کيس حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن تي وڌ ۾ وڌ رهڻ جو موقعو مليو. هن نوجوانن ۽ شاگردن جي پروگرامن ۾ نئون ٽئلينٽ متعارف ڪرائي ڪمپيئرن ۽ ڊراما آرٽسٽن جو هڪ وڏو تعداد ريڊيو کي ڏنو. محمد انور هڪڙي بيمار رهڻ جي باوجود پنهنجون ذميواريون نڀايون. ريڊيي پاڪستان خيرپور تي بہ رھيو.23 فيبروري 2008ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1952.06.02  عيسوي

ريڊيي پاڪستان حيدرآباد جي مشھور براڊ ڪاسٽر انور هڪڙي جو پورو نالو محمد انور ولد محمد عثمان هڪڙو آهي، هن 2 جون 1952ع تي ڳوٺ بٺي ھڪڙو، تعلقي ميرو خان ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.


2008.02.23  عيسوي

انورهڪڙي 23 فيبروري 2008ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالعلي قلباڻي
دارا شڪوہ 1
عبدالجبار خان
جادم مڱريو
خليل مورياڻي
چانڊيو غلام عباس
چرن سنگهه
روبينا قريشي
پلي وڏيرو عبدالحليم
بخشو لانگاھہ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون