انور احمد خان مهر

انور احمد خان مهر: مشھور سياستدان انور احمد خان ولد شاهنواز خان مهر 16 نومبر 1951ع تي ڳوٺ تماچاڻي، ضلعي سکر ۾ ڄائو. ايم. اي ۽ ايل ايل بي تائين تعليم حاصل ڪئي. علم ادب سان چاهه رکندڙ ۽ لطيفيات جو ڄاڻو هو. هن ڊاڪٽر نواز علي شوق جي ذاتي لائبرري خريد ڪري تماچاڻي اسڪول کي ڏني. 2002ع وارين عام چونڊن ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. ان کان اڳ 1979ع، 1983ع ۽ 1987ع ۾ ضلعي ڪائونسل جو ميمبر پڻ رهيو. 2006ع ۾ ٽيننسي ائڪٽ ۾ ترميمن جي سفارش لاءِ جوڙيل خاص ڪميٽيءَ جو ميمبر رهيو. 2008ع ۾ پ پ جي ٽڪيٽ تي شڪارپور جي تڪ پي ايس 2 مان چونڊ کٽي سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر بڻيو. پيپلز پارٽي سکر ڊويزن جو صدر به رهيو. 8 مئي 2022ع تي ڪراچيءَ جي هڪ نجي اسپتال ۾ وفات ڪئي. کيس تماچاڻي ءَ ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1951.11.16  عيسوي

-انور احمد خان مهر- ولد شاهنواز خان مهر 16 نومبر 1951ع ۾ ڳوٺ تماچاڻي ضلعي سکر ۾ ڄائو



سياستدان - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اعجاز علي شاهه شيرازي
ارباب ذڪاءُ الله
اختر مينگل
اميرعلي شاهه پير
اصغر خان
ارباب وزير احمد
امداد علي پتافي
بشير احمد خان لغاري
اختر حسين جدون
بقادار شاهه سيد
سياستدان ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون