انور احمد خان مھر

انور احمد خان مھر: مشھور سياستدان انور احمد خان ولد شاهنواز خان مھر 16 نومبر 1951ع تي ڳوٺ تماچاڻي، ضلعي سکر ۾ ڄائو. ايم. اي ۽ ايل ايل بي تائين تعليم حاصل ڪئي. علم ادب سان چاھہ رکندڙ ۽ لطيفيات جو ڄاڻو هو. هن ڊاڪٽر نواز علي شوق جي ذاتي لائبرري خريد ڪري تماچاڻي اسڪول کي ڏني. 2002ع وارين عام چونڊن ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. ان کان اڳ 1979ع، 1983ع ۽ 1987ع ۾ ضلعي ڪائونسل جو ميمبر پڻ رهيو. 2006ع ۾ ٽيننسي ائڪٽ ۾ ترميمن جي سفارش لاءِ جوڙيل خاص ڪميٽيءَ جو ميمبر رهيو. 2008ع ۾ پ پ جي ٽڪيٽ تي شڪارپور جي تڪ پي ايس 2 مان چونڊ کٽي سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر بڻيو. پيپلز پارٽي سکر ڊويزن جو صدر بہ رهيو. 8 مئي 2022ع تي ڪراچيءَ جي هڪ نجي اسپتال ۾ وفات ڪئي. کيس تماچاڻي ءَ ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1951.11.16  عيسوي

-انور احمد خان مهر- ولد شاهنواز خان مهر 16 نومبر 1951ع ۾ ڳوٺ تماچاڻي ضلعي سکر ۾ ڄائو



سياستدان - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آچاريه ڪرپالاڻي
بينظير ڀٽو شھيد
اياز سومرو
آغا شاهي
احمد علي مجذوب
امداد علي اعواڻ
اختر علي جي قاضي
الاهي بخش پير
اعزاز نظير ڊاڪٽر ڪامريڊ
آنند هنڱوراڻي
سياستدان ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون