انور الدين جتوئي: مشھور اُستاد ۽ راڳي انور الدين ولد حاجي محمد عثمان جتوئي 2 فيبروري 1944ع تي ڳوٺ ٺوڙها، تعلقي موري ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم نوان جتوئي ۽ مئٽرڪ هاءِ اسڪول موري مان پاس ڪيائين. جنهن بعد پرائمري استاد مقرر ٿيو، کيس ننڍپڻ کان وٺي ڳائڻ جو شوق هوندو هو. راڳ جي باقاعدي سکيا حافظ محمد اسحاق ٽلٽيءَ واري کان حاصل ڪيائين ۽ ان کانپوءِ استاد علي نواز خان ۽ امداد ميراثيءَ کان راڳ جي فن جي وڌيڪ سکيا ورتائين، کيس ڀٽائي جون وايون ڳائڻ ۾ دسترس حاصل آهي. هن صوفياڻا ڪلام وڌيڪ ڳايا آهن. هن وقت تائين پي. ٽي. وي سميت مختلف سنڌي چئنلن تي ڳائي پاڻ مڃائي چڪو آهي. ڀٽائي، سچل، قلندر شھباز جي ڪانفرنسن ۽ ٻين ثقافتي پروگرامن ۾ ڳائي ڪيترا انعام بہ حاصل ڪيا اٿس. هن آمريڪا ۾ بہ پنھنجي فن جو مظاهرو ڪيو آهي.
02.02.1944 عيسوي
انور الدين ولد حاجي محمد عثمان جتوئي 2 فيبروري 1944ع تي ڳوٺ ٺوڙها ، تعلقي موري ۾ جنم ورتو .