
انور سائينءَ جو رسالو
انور سائينءَ جو رسالو: شاعريءَ جو هي مجموعو ”انور سائين جو رسالو“ درگاھہ جهانپور شريف گهوٽڪيءَ جي سجادہ نشين صوفي سيد انور علي شاھہ جي ڪلام تي مبني آهي. جيڪو 2007ع ۾ درگاھہ عاليه جهانپور شريف پاران ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي. هن رسالي ۾ موجود شاعريءَ جو اڌ حصو اڳ ۾ ”ديوان انور“ نالي سان 2000ع ۾ ڇپيو هو. ان کانسواءِ درگاھہ جي فقيرن ۽ ٻين هنڌان مليل ڪلام کي گڏ ڪري”انور سائينءَ جي رسالي“ جي صورت ۾ ڇپايو ويو آهي. هن ۾ انور سائين جو مڪمل ڪلام شامل ڪيل آهي. هيءُ رسالو فقير سيد عبادت علي شاھہ سهيڙيو آهي ۽ رسالي جا نگران فقير سيد سخاوت علي شاھہ (هاڻوڪو سجادہ نشين) سيد منور علي، سيد تصور علي، سيد عبادت علي، سيد بشارت علي ۽ فقير سيد قدير حسين شاھہ آهن. جڏهن تہ نظر ثاني فقير سيد حضور بخش شاھہ، فقير سيد سخاوت علي شاھہ، سيد عبادت علي شاھہ، پروفيسر عبدالمجيد سنڌي ۽ فقير استاد بشير احمد سومري ڪئي آهي. رسالي ۾ سندن سنڌي، سرائيڪي ۽ اردو ڪلام شامل آهي. ڪلام جو پيش لفظ فقير سيد عباد علي شاھہ لکيو آهي، جنهن ۾ فقير انور سائين ءَ جي حسب نسب جي تفصيلي طور ڄاڻ ڏني وئي آهي. پڪي جلد ۾ ڇپيل هن ڪتاب ۾ فقير انور سائين ۽ ٻين سجادہ نشينن جون چئن صفحن تي رنگين تصويرون بہ ڏنل آهن. ڊيمي سائيز ۾ ڇپيل هن رسالي جي قيمت هديو 150 روپيہ آهي.