انور سولنگي

انور سولنگي

انور سولنگي

انور سولنگي: ٽي وي ۽ ريڊيو جي نامور اداڪار، انور سولنگي جو جنم 1944ع ڌاري شھدادپور ۾ ٿيو. جتان پوءِ سندس خاندان حيدرآباد منتقل ٿيو. ريڊيو تي پنھنجي ڪيريئر جي شروعات 1970ع ۾ ڪئي، پر سندس مشهوري 1974ع ۾ پاڪستان ٽيليويزن جي ڊرامن جي ڪري ٿي. هو پاڪستان جي انهن چند سينيئر اداڪارن ۾ شامل ٿئي ٿو، جن کي پنھنجي ڪردار جي سانچي ۾ گهڙڻ ايندو هو. هن ٽي وي ۽ ريڊيو جي پنج سئو کان وڌيڪ ڊرامن ۾ ڪم ڪيو. جن ۾ سنڌي ۽ اردو ڊراما شامل آهن. انور سولنگي جي مقبول ڊرامن ۾ ”راني ڪي ڪهاني“، ”ڇوٽي سي دنيا“، ”ديوارين“، ”جنگل“، ”هوائين“ ۽ ”ماروي“ شامل آهن. گهٽ ماڻهن کي خبر آهي تہ انور سولنگي اداڪار سان گڏوگڏ ڪهاڻيڪار ۽ شاعر بہ هو. 2008ع ۾ سندس شاعري ۽ ڪهاڻين جو مجموعو ”زهر ڀريا پيالا“ ڇپيو. انور سولنگي 4 اپريل 2008ع تي 64 سالن جي عمر ۾ ڪراچي ۾ گذاري ويو ۽ کيس سخي حسن قبرستان ڪراچيءَ ۾ دفنايو ويو.


لفظ انور سولنگيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1944.00.00  عيسوي

ٽي وي ۽ ريڊيو جو نامور اداڪار انور سولنگي جو جنم 1944ع ڌاري شهدادپور ۾ ٿيو


2008.04.04  عيسوي

انور سولنگي 4 اپريل 2008ع تي 64 سالن جي عمر ۾ ڪراچي ۾ گذاري ويو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ابراهيم شاھہ جتي ستي
پيرزادو شاھہ محمد
دين محمد ڪنڀار
درس محمد سچل
بلبن
پيرل پرديسي سيتائي
ابن الاثير
الھداد زرداري
شاھہ عبدالله بن عبدالعزيز
قاضي فضل ﷲ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون