انور سيال

انور سيال

انور سيال

انور سيال: انور سيال 4 جنوري 1947ع تي ڳوٺ سيد حاجي ابراهيم شاهه (ويجهو بڇيري ريلوي اسٽيشن)، ضلعي نوابشاهه ۾ محمد بخش سيال جي گهر ۾ جنم ورتو. هُو مشھور صحافي هو. پرائمري تعليم ڳوٺ جي اسڪول ۾ حاصل ڪرڻ کانپوءِ، مئٽرڪ ڊي. سي هاءِ اسڪول نوابشاهه مان ايڇ. ايم خواجا جي رهنمائيءَ ۾ ۽ گريجوئيشن سچل سرمست ڪاليج، نواب شاهه مان ڪيائين. هن جمھوريت جي بحالي ۽ ون يونٽ خلاف تحريڪن ۾ ڀرپور حصو ورتو. نواب شاهه ۾ ’هلال پاڪستان‘ جو نمائندو رهيو ۽ بعد ۾ ان ئي اخبار جي ڪراچي آفيس ۾ سب ايڊيٽر ۽ پوءِ روزاني ’آفتاب‘ حيدرآباد ۾ سينئر سب ايڊيٽر رهيو. سندس ڪيترائي مضمون مختلف سنڌي اخبارن ۾ شايع ٿيا. 1978ع ۾ جنرل ضياءِ الحق خلاف هلندڙ تحريڪ ۾ ڀرپور حصو وٺڻ ڪري انور سيال ٻين صحافين سان گڏ گرفتار ڪري ڦٽڪا هنيا ويا. انور انهيءَ تحريڪ کي زندهه رکڻ لاءِ، تحريڪ جي اڳواڻن جي چوڻ تي، پس پرده رهي، وڏي جدوجھد ڪئي. هُو ڪيترن سالن تائين حيدرآباد پريس ڪلب جو ميمبر رهيو. هن 4 اپريل 2026ع تي وفات ڪئي.


لفظ انور سيالھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

04.01.1947  عيسوي

انور سيال 4 جنوري 1947ع تي ڳوٺ سيد حاجي ابراهيم شاهه ( ويجهو بڇيري ريلوي اسٽيشن ) ۾ محمد بخش سيال جي گهر ۾ جنم ورتو .


2026.04.04  عيسوي

انور سيال 4 اپريل 2026ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

زرياب
ايوب کوسو 2
قاسم حيدر سمون
بنو اميه
فھميدہ مرزا
خادم حسين انڙ
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
حاجي محمد عثمان قاضي
راهوجو ذوالفقار
جھانگير خان
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون