انور ضياءُ عباسي: انور ضياءُ عباسيءَ ميهڙ ۾ 1952ع ڌاري جنم ورتو. متحرڪ سياسي ورڪر بہ رهيو. هو شاعر ۽ نثر نگار طور ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. سندس شعري مجموعو ”ڀنڀٽ ڀنڀٽ شعلا شعلا“، ”ڪلهوڙا ۽ سنڌ“ (ٻہ جلد)، ڪهاڻين جو مجموعو ”ٻاٽ ۾ لاٽ“ ۽ ڊرامو ”روپلو ڪولهي“ تمام گهڻو مشھور ٿيا. مخدوم بلاول پبليڪيشن بہ قائم ڪيائين، جنهن پاران دل جو ديوتا، ماءُ جي محبت ۽ تاريخ ڪنهن کي معاف نہ ڪندي ۽ ٻيا ڪتاب ڇپرايائين. 6 مارچ 2001ع تي لاڏاڻو ڪيائين. 10 مجموعن کان وڌيڪ قلمي مواد سندس پونيرن وٽ محفوظ آهي.
00.00.1952 عيسوي
انور ضياءُ عباسيءَ ميهڙ ۾ 1952ع ڌاري جنم ورتو .