ڊاڪٽر انور عالماڻي
انور عالماڻي، ڊاڪٽر: اديب ۽ سماجي ورڪر ڊاڪٽر انور عالماڻي ولد ڪريم بخش عالماڻيءَ جو جنم 15 آڪٽوبر 1948ع تي، ڳوٺ سونو خان عالماڻي، تعلقي ۽ ضلعي حيدرآباد ۾ ٿيو. ابتدائي تعليم ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان حاصل ڪرڻ کانپوءِ وڌيڪ تعليم حمايت الاسلام ۽ پبلڪ اسڪول حيدرآباد مان حاصل ڪئي. 1964ع ۾ ڊاڪٽريءَ جي تعليم لاءِ لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄام شوري ۾ داخلا ورتي. 1972ع ۾ MBBS جي ڊگري مڪمل ڪري ۽ 1974ع ۾ صحت کاتي ۾ ميڊيڪل آفيسر مقرر ٿيو. سرڪاري ملازمت کي سال جي اندر الوداع ڪري، ٽنڊي محمد خان ۾ پنھنجي خانگي اسپتال قائم ڪئي. 1985ع ۾ پنھنجي والده جي نالي سان ٽنڊي محمد خان ۾ خيراتي اسپتال قائم ڪئي. سماجي ڪارڪن جي حيثيت ۾ 1986ع ۾ دارالعلوم هاءِ اسڪول (ٽنڊو محمد خان) ۽ 1992ع ۾ مخدوم بلاول سائنس ڪاليج (ٽنڊو محمد خان) قائم ڪيا. ان کان علاوه ڳوٺ ۾ والد جي نالي سان هلندڙ ’ڪريم بخش عالماڻي ووڪيشنل اسڪول‘ جو پاڻ نگران رهيو. لکڻ جي شروعات 1961ع ۾ روزاني ’عبرت‘ ۽ ٻين اخبارن کان ڪئي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ’مذهب ۽ ماڻهو‘، ’انقلاب ڇو‘، ’سچ جو سڏ‘، ’جيئڻ جو حقدار ڪير؟‘، ’ساڻيھه جا سنيھا‘ (علامه آءِ آءِ قاضيءَ جا ليڪچر: ترتيب)، ’رهگذر‘ (ڪالم)، ’دوزخ جو مسافر‘ (ڪھاڻيون)، ’قرآن جي پڪار‘، ’خدا ۽ سرمائيدار‘، ’سرجيس تان سور‘ (آتم ڪٿا)، ’ڏات جو ڏنگ‘،’Islam is the religion of peace‘، ’Visionary Tales of Indus Valley‘ ۽ ’Quran is the message of Peace‘ شامل آهن. ادبي خدمتن جي مڃتا طور کيس ڪيترائي اوارڊ مليا. ڊاڪٽر انور عالماڻي کي 26 اپريل 2025ع تي قتل ڪيو ويو.
1948.10.15 عيسوي
اديب ۽ سماجي ورڪر ڊاڪٽر انور عالماڻي ولد ڪريم بخش عالماڻيءَ جو جنم 15 آڪٽوبر 1948ع تي، ڳوٺ سونو خان عالماڻي، تعلقي ۽ ضلعي حيدرآباد ۾ ٿيو.