انور علي شاھہ

انور علي شاھہ: انور علي شاھہ: سيد انور علي شاھہ 1906ع ڌاري ڳوٺ جهانپور شريف تعلقي گهوٽڪيءَ، ضلعي سکر ۾ ڄائو. سندس شجرو اٺن واسطن کان پوءِ عبدالڪريم شاھہ سبيءَ واري ۽ چوڏهن واسطن کان پوءِ مخدوم سيد جھانيان جھان گشت (1334-1308ع) سان ملي ٿو.جڏهن کيس اسڪول ۾ پڙهڻ لاءِ ويهاريو ويو تہ ان طرف ڪوبه ڌيان نہ ڏنائين. مجبور ٿي مائٽن کيس گهر ۾ ويهاري ڇڏيو. پيءُ جي وفات کان پوءِ سندس تربيت جو ذمو سندس چاچي بهادرشاھہ کنيو، جيڪو پاڻ عالم ۽ حافظ قرآن هو. انور شاھہ کي جڏهن قرآن شريف پڙهڻ لاءِ ويهاريو ويو تہ هڪ مهيني ۾ پڙهي پورو ڪيائين. ڪجهہ وقت لاءِ جامع مسجد ۾ امامت بہ ڪيائين. نهايت سخي هوندو هو. ڳوٺ ۾ هڪ آشيانو بہ اڏيائين، جتي عقيدتمند ۽ مريد وٽس گهڻي انداز ۾ اچڻ لڳا. انهيءَ وقت کان شاعري پڻ شروع ڪيائين. سندس شاعري سنڌيءَ، اردوءَ، سرائيڪيءَ ۽ فارسيءَ ۾ آهي. 5 جولاءِ 1962ع تي وفات ڪيائين. سندس مزار تي هر سال 21 محرم تي ميلو لڳندو آهي


لفظ انور علي شاھہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1906.00.00  عيسوي

انور علي شاهه: سيد انور علي شاهه 1906ع ڌاري ڳوٺ جهانپور شريف تعلقي گهوٽڪيءَ ، ضلعي سکر ۾ ڄائو


1962.07.05  عيسوي

انور علي شاهه 5 جولاءِ 1962ع تي وفات ڪئي



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

فقيرعبدالغني ڀٽي اياز
عبدالغفور شاھہ تقوي سيد
خليل لاشاري
پنائي مبين
زاهد ڪنڀار
شتروگن جسواڻي
امتياز دانش
رفيق وقار کهڙو
چانڊيو عبدالله خان ’همدم‘
ڏاهري عبدالرحيم
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون