انور منصور مڱريو

انور منصور مڱريو

انور منصور مڱريو

انور منصور مڱريو: ليکڪ، محقق ۽ استاد اڳواڻ محمد انور علي ولد محمد پريل ”بيدار“ مڱريي جو ادبي نالو ”انور منصور مڱريو“ آهي، سندس جنم 19 جنوري 1973ع تي ڳوٺ سنگرار تعلقي روهڙي، ضلعي سکر ۾ ٿيو. سندس تعليم B.E اليڪٽرانڪس ۽ ايم. اي (سنڌي) آهي. سندس شاعري ۽ تحقيقي مقالا سنڌ جي مختلف علمي ادبي رسالن ۾ شايع ٿيندا رهن ٿا. ”شيخ اياز جي بيتن جو فني ۽ فڪري اڀياس“ جي موضوع تي سنڌيءَ ۾ ايم فل ڪئي اٿس. بردي سنڌيءَ جي فن ۽ فڪر بابت ”توکي ساھہ سنڀاري“ نالي هڪ ڪتاب لکيل اٿس. عبدالحڪيم ارشد جي ڪتاب ”آجپي جي گيت جهڙي شاعري“ تي 45 صفحن جو ۽ مير حسن لاکي جي خطن واري ڪتاب تي پڻ هڪ طويل ۽ ڀرپور مقدمو ڇپيل اٿس. هن وقت ائسوسيئيٽ پروفيسر جي حيثيت ۾، سنڌ پروفيسرز اينڊ ليڪچررس ايسوسيئيشن (سپلا) حيدرآباد ريجن جو صدر ۽ سپلا سنڌ جي ٻن متحرڪ پئنلس مان هڪ جي سرواڻي ڪندڙ آهي.


لفظ انور منصور مڱريوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1973.01.19  عيسوي

ليکڪ، محقق ۽ استاد اڳواڻ محمد انور علي ولد محمد پريل ”بيدار“ مڱريي جو ادبي نالو ”انور منصور مڱريو“ آهي، سندس جنم 19 جنوري 1973ع تي ڳوٺ سنگرار تعلقي روهڙي، ضلعي سکر ۾ ٿيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

دينپوري مولانا محمد عمر
عنصري
اقبال شينو
حاجي عبدالله ڊکڻ
عبداللطيف قيصر
انجم هالائي
غلام علي فقير مسرور
اقبال رند
آريجو غلام عمر غلام
پروانو ميراجي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون